Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 10:5 - Sindhi Bible

5 تڏهن عزرا اُٿيو، ۽ ڪاهنن جي سردارن، ۽ لاوين، ۽ سڀني اسرائيلين کان قسم کڻايائين، تہ هو انهيءَ حڪم موجب عمل ڪندا. ان موجب هنن قسم کنيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن عزرا اٿيو ۽ ڪاهنن، لاوين ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کان قسم کڻايائين تہ هو ائين ئي ڪندا. سو هنن اهڙو قسم کنيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 10:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان عهد اقرار ڪريون، تہ سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي، سو پنهنجي ڌڻيءَ جي، ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪم کان ڊڄن ٿا، تن جي صلاح موجب ڪڍي ڇڏيون؛ ۽ اهو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.


اُهي پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿيا، ۽ لعنت، ۽ قسم ۾ شامل ٿيا، تہ خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جا خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏني هئي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي سڀني حڪمن، ۽ فيصلن ۽ قاعدن کي مڃينداسين ۽ انهن تي هلنداسين؛


۽ مون انهن سان جهيڙو ڪيو، ۽ پٽيومان، ۽ منجهان ڪن کي ڌڪ هنيم، ۽ سندن وار پَٽيم، ۽ خدا جو قسم کڻائي چيومان تہ اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي متان ڏيو، نڪي هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پاڻ لاءِ وٺجو.


تڏهن هنن چيو، تہ اسين اهي موٽائي ڏينداسين، ۽ هنن کان ڪي بہ ڪين گهرنداسين؛ جيئن تون چئين ٿو، تيئن ئي اسين ڪنداسين. تڏهن مون، ڪاهنن کي سڏيو، ۽ هنن کي اهو قسم کڻايم، تہ هو انهيءَ انجام موجب هلت ڪندا.


انهيءَ لاءِ تہ ڏاهو ماڻهو ٻڌي ۽ علم ۾ وڌي؛ ۽ سمجهہ وارو ماڻهو فائدي جهڙيون نصيحتون حاصل ڪري:


ماڻهوءَ کي پنهنجي وات جي جواب سان خوشي ٿي رسي: ۽ پوري وقت تي ڪيل ڳالهہ ڪهڙي نہ چڱي ٿي لڳي!


سرهو تيل ۽ عطر، دل کي خوش ڪن ٿا، انهي طرح دوست جي ڏنل دلي صلاح مٺي آهي.


ڏاهي ماڻهوءَ کي تعليم ڏي تہ هو اڃا بہ وڌيڪ ڏاهو ٿيندو: سچي ماڻهوءَ کي سيکار تہ هن جو علم زيادہ ٿيندو.


پر يسوع ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ سردار ڪاهن چيس تہ آئون توکي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان، تہ تون اسان کي ٻڌاءِ تہ تون خدا جو فرزند مسيح آهين ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ