Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 10:4 - Sindhi Bible

4 اُٿ، ڇالاءِ جو اهو ڪم تنهنجو آهي، ۽ اسين تو سان آهيون: همت جهلي اهو ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهنڪري تون اُٿ، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪم تنهنجي هٿ ۾ آهي. اسين تو سان گڏ آهيون. همت ڪر ۽ ائين ڪري ڏيکار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 10:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سون، ۽ چانديءَ، ۽ پتل، ۽ لوهہ جو ڪوبہ شمار ڪونهي؛ تنهنڪري اُٿي ڪم ڪر، ۽ خداوند تو ساڻ هجي.


هاڻي اوهين پنهنجيءَ دل ۽ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي ڳولا ڪريو؛ تنهنڪري اُٿو، خداوند خدا جي پاڪ جاءِ ٺاهيو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق، ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ، انهيءَ گهر ۾ آڻيو جو خداوند جي لاءِ جڙندو.


سو خبردار؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي چونڊيو آهي، تہ هڪڙو گهر ۽ پاڪ مڪان ٺاهين: تنهنڪري همت جهل ۽ ائين ڪر.


۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو، تہ همت جهل ۽ حوصلي سان اهو ڪم ڪر: ڊڄ نہ، نڪي بي دل ٿيءُ: ڇالاءِ تہ خداوند خدا، يعني منهنجو خدا، تو ساڻ آهي؛ ۽ هو توکي نہ وساري ڇڏيندو نڪي توکي ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ خداوند جي گهر جي خدمت جو سڄو ڪم پورو ٿئي.


۽ ڏس، ڪاهنن ۽ لاوين جي ترتيب، خداوند جي گهر جي سڄي خدمت جي لاءِ اها آهي: ۽ هر ڪنهن قسم جي خدمت جي لاءِ. ۽ سڀ ڪنهن ڪم ۾ جيڪو رضامند شخص ماهر آهي، سو خوشيءَ سان تنهنجو ساٿ ڏيندو: ۽ لشڪر جا سردار ۽ سڄي قوم تنهنجي حڪم هيٺ ٿيندي.


تڏهن عزرا اُٿيو، ۽ ڪاهنن جي سردارن، ۽ لاوين، ۽ سڀني اسرائيلين کان قسم کڻايائين، تہ هو انهيءَ حڪم موجب عمل ڪندا. ان موجب هنن قسم کنيو.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


اهو انهي ماڻهوءَ وانگر آهي جو پرديس ۾ ويو هجي، ۽ گهر ڇڏڻ مهل پنهنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي هرهڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏئي تہ سجاڳ رهہ.


۽ اچو تہ محبت ۽ چڱن ڪمن ۾ همتائڻ لاءِ هڪٻئي جو خيال رکون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ