Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 10:3 - Sindhi Bible

3 تنهن ڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان عهد اقرار ڪريون، تہ سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي، سو پنهنجي ڌڻيءَ جي، ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪم کان ڊڄن ٿا، تن جي صلاح موجب ڪڍي ڇڏيون؛ ۽ اهو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان هي عهد ڪريون تہ اسين اهي سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي سو تو اسان جي آقا ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪمن کان ڊڄن ٿا تن جي صلاح سان ڪڍي ڇڏيون. اهو سمورو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 10:3
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يهويدع خداوند جي، ۽ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾، اهو عهد اقرار ڪرايو تہ هو خداوند جي قوم ٿي رهن؛ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾ بہ عهد اقرار ڪرايائين.


هاڻي منهنجي دل ۾ آهي تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد اقرار ڪريان تہ من سندس ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي.


يهوداہ تي بہ خدا جو هٿ هو تہ هنن کي هڪ دل ڪري، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي ڪلام موجب بادشاهہ ۽ اميرن جي حڪم جي تعميل ڪن.


اوهين وڃي منهنجي لاءِ، ۽ اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ باقي جيڪي بچيا آهن تن لاءِ، جيڪو ڪتاب لڌو آهي تنهن جي ڪلام بابت پڇا ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي گهڻي نازل ٿي آهي، جو اسان جي ابن ڏاڏن خداوند جي ڪلام جي سنڀال نہ ڪئي آهي، ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪي لکيل آهي، تنهن تي عمل نہ ڪيو اٿن.


تنهن جي نسبت ۾ ڇالاءِ جو تنهنجي دل نرم هئي، ۽ تو هن هنڌ جي برخلاف ۽ اتي جي رهندڙن جي برخلاف سندس ڪلام ٻڌو، ۽ تو پاڻ کي نماڻو ڪيو ۽ منهنجي اڳيان عاجزي ڪئي اٿيئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رُنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


تنهنڪري هاڻي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا وٽ پنهنجا ڏوهہ قبول ڪريو، ۽ هن جي مرضيءَ تي هلو: ۽ ملڪ جي ماڻهن کان، ۽ ڌارين زالن کان پاڻ کي ڌار ڪريو.


اهي سڀيئي ڌاريون زالون پرڻيا هئا: ۽ ڪن کي اهڙيون زالون هيون جن مان اولاد هونِ.


تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جا سڀ ماڻهو ٽن ڏينهن جي اندر يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا؛ اُهو نائون مهينو هو ۽ اها مهيني جي ويهين تاريخ هئي: سڀ ماڻهو خدا جي گهر جي اڳيان ميدان ۾ اچي ويٺا ۽ انهيءَ ڳالهہ ۽ مينهن جي ڪري پئي ڏڪيا.


تڏهن انهن قيدين جي گناهہ ڪري، جيڪي اسرائيل جي خدا جي حڪمن کان ڏڪيا ٿي، سي سڀ مون وٽ اچي گڏ ٿيا؛ ۽ آءٌ شام جي قربانيءَ تائين ماٺ ڪيو حيران ٿيو ويٺو هوس.


هاڻي جن مهر هنئي هئي سي هئا، نحمياہ بن حڪلياہ جو حاڪم هو، ۽ صدقياہ؛


۽ هنن شريعت ۾ لکيل ڏٺو تہ خداوند موسيٰ جي معرفت فرمايو هو تہ ستين مهيني واريءَ عيد تي لانڍين ۾ رهن:


۽ انهن سڀني ڳالهين جي ڪري اسين پڪو عهد اقرار ٿا ڪريون، ۽ لکي ٿا ڏيون: ۽ اسان جا امير، ۽ اسان جا لاوي، ۽ اسان جا ڪاهن، انهيءَ تي مهر ٿا هڻن.


تنهنجي ڊپ کان منهنجا لڱ ٿا ڪانڊارجن، ۽ آءٌ تنهنجن فيصلن کان ڊڄان ٿو.


مون پنهنجين واٽن تي غور ڪيو، ۽ پنهنجا پير تنهنجين شاهدين ڏانهن ورايم.


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ اهي سڀ شيون منهنجن هٿن جوڙيون آهن، ۽ انهيءَ طرح هستيءَ ۾ آيون آهن: پر آءٌ اُنهيءَ ماڻهوءَ تي نظر ڪندس جو غريب ۽ پشيمان روح وارو آهي ۽ منهنجي ڪلام کان ڏڪي ٿو.


شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.


۽ خداوند هن کي چيو تہ شهر جي وچان، يعني يروشلم جي وچان، لنگهي وڃ ۽ انهي منجهہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ ۾ ٿا اچن، تن لاءِ جيڪي ماڻهو آهون ۽ دانهون ڪن ٿا، تن جي پيشانين تي نشان ڪر.


انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجو خدا اڄوڪي ڏينهن توسان جيڪو عهد ٿو ڪري، ۽ قسم ٿو کڻي، تنهن ۾ تون داخل ٿين:


۽ هو جلجال ۾ يشوع وٽ منزلگاهہ ۾ آيا، ۽ هن کي ۽ اسرائيل جي ماڻهن کي چيائون، تہ اسين هڪڙي پرانهين ملڪ مان آيا آهيون: تنهنڪري اوهين اسان سان عهد ٻڌو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ