۽ جڏهن هو اُتان روانو ٿيو، تڏهن هو يهوناداب بن ريڪاب کي گڏيو، جو سندس استقبال لاءِ ٿي آيو: ۽ هن انهيءَ کي سلام ڪري چيو تہ جيئن منهنجي دل تنهنجيءَ دل سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل مون سان آهي يا نہ؟ ۽ يهوناداب ورندي ڏني تہ آهي. تڏهن هن چيس تہ جي ائين آهي تہ تون مون کي پنهنجو هٿ ڏي. ۽ هن کيس پنهنجو هٿ ڏنو؛ ۽ هن کيس چاڙهي پنهنجيءَ رٿ ۾ کڻي ويهاريو.