Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 10:14 - Sindhi Bible

14 هاڻي سڄيءَ جماعت لاءِ اسان جا سردار مقرر ٿين، ۽ اسانجن شهرن ۾ جن جن ماڻهن ڌاريون زالون پرڻيون آهن، سي ٺهرايل وقتن تي اچن، ۽ ساڻن گڏ سڀ ڪنهن شهر جا بزرگ ۽ قاضي بہ اچن، جيستائين اسان جي خدا جي ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي، ۽ هي ڪم پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهنڪري اسان سڀني جي ترجماني اسان جا اڳواڻ ڪن. پوءِ اسان مان جن جن ماڻهن ڌاريون عورتون پرڻيون آهن، سي مقرر ڪيل وقت تي اچن ۽ انهن سان پنهنجي پنهنجي شهر جا اڳواڻ ۽ جج بہ ساڻ هجن. اهڙيءَ طرح هن معاملي جي ڪري خدا جي جيڪا ڪاوڙ اسان تي آهي سا ٽري ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 10:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ خداوند پنهنجي وڏيءَ ڪاوڙ جي جوش کان نہ مڙيو، جنهن سان سندس ڪاوڙ يهوداہ تي ڀڙڪي هئي، ڇالاءِ جو منسي پنهنجن گهڻن چڙ ڏيارڻ جهڙن ڪمن سان هن کي ڪاوڙايو هو.


تنهنڪري هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ پنهنجن ڀائرن مان جيڪي اوهين قيد ڪري کڻي آيا آهيو، سي موٽائي موڪلي ڏيو: ڇالاءِ جو خداوند جي سخت ڪاوڙ اوهان تي آهي.


هاڻي منهنجي دل ۾ آهي تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد اقرار ڪريان تہ من سندس ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي.


هاڻي اوهين پنهنجي ابن ڏاڏن وانگي سخت گردن وارا نہ ٿيو؛ پر خداوند جي اڳيان نماڻا ٿيو، ۽ هن جي پاڪ مڪان ۾ گهڙو، جو هن هميشہ لاءِ پاڪ ڪيو آهي، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي بندگي ڪريو، تہ هن جي خوفناڪ ڪاوڙ اوهان تان ٽري وڃي.


پر ماڻهو گهڻا آهن، ۽ گهڻي مينهن جو وقت آهي، ۽ اسين ٻاهر بيهي نٿا سگهون، نڪي وري هي ڪم هڪڙي ٻن ڏينهن جو آهي: ڇالاءِ جو اسان انهيءَ ڳالهہ ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي.


رڳو يونتن بن عساهيل، ۽ يحازياہ بن تقوہ، انهيءَ ڪم جي برخلاف اُٿي بيٺا: ۽ مسلام ۽ شبتي لاوين انهن جي مدد ڪئي.


پر ڇالاءِ جو هو رحيم آهي، تنهن ڪري سندن ڏوهہ معاف ڪيائين: هائو ڪيترائي ڀيرا پنهنجي غصي کي روڪي ڇڏيائين، ۽ پنهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌڻ تہ ڏنائين.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


۽ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ماڻهن جي سردارن کي جهلي، خداوند جي حضور اُس ۾ لٽڪائي ڇڏ، تہ خداوند جو غضب اسرائيل تان ٽري وڃي.


۽ انهيءَ برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل شين منجهان ڪجهہ بہ تنهنجي هٿ ۾ نہ رهي، تہ خداوند پنهنجيءَ خوفناڪ ڪاوڙ کان مُڙي، ۽ توتي رحم ڪري، ۽ توتي مهربان ٿئي، ۽ جيئن هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي، تيئن هو توکي وڌائي.


۽ اتي جيڪي لاوي ڪاهن هجن، يا جيڪو قاضي هجي، تنهن وٽ وڃي پڇا ڪج؛ ۽ اهي توکي فيصلي جو حڪم ٻڌائيندا:


۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍڳ رکي ڇڏيائون، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي؛ انهيءَ طرح خداوند پنهنجي ڪاوڙ جي سختيءَ کان ڦريو، انهي ڪري انهي هنڌ جو نالو عڪور جي وادي رکيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ