Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 10:10 - Sindhi Bible

10 ۽ عزرا ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ اوهان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڌاريون زالون پرڻجي اسرائيل جو ڏوهہ وڌايو اٿوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن عزرا ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ کين چوڻ لڳو تہ ”اوهان ڌارين عورتن سان پرڻجي گناهہ ڪيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي گناهن ۾ اضافو ڪيو اٿوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 10:10
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن کي چيائون تہ قيدين کي متان هيڏي آڻيو: ڇالاءِ جو اوهين اُهو ڪم ڪرڻ ٿا گهرون جو اسان تي خداوند جي برخلاف هڪڙو ڏوهہ آڻيندو، ۽ اسان جا ڏوهہ ۽ اسان جا گناهہ وڌائيندو: ڇالاءِ جو اسان وڏو ڏوهہ ڪيو آهي، ۽ اسرائيل تي سخت ڪاوڙ نازل ٿي آهي.


تنهنڪري هاڻي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا وٽ پنهنجا ڏوهہ قبول ڪريو، ۽ هن جي مرضيءَ تي هلو: ۽ ملڪ جي ماڻهن کان، ۽ ڌارين زالن کان پاڻ کي ڌار ڪريو.


تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جا سڀ ماڻهو ٽن ڏينهن جي اندر يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا؛ اُهو نائون مهينو هو ۽ اها مهيني جي ويهين تاريخ هئي: سڀ ماڻهو خدا جي گهر جي اڳيان ميدان ۾ اچي ويٺا ۽ انهيءَ ڳالهہ ۽ مينهن جي ڪري پئي ڏڪيا.


تڏهن اسين وري تنهنجا حڪم ڀڃنداسين ڇا، ۽ جي قومون اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ٿيون ڪن، تن سان مٽي مائٽي ڳنڍينداسين ڇا؟ تون اسان تي ايترو نہ ڪاوڙبين ڇا، جو اسان کي اهڙو ناس ڪري ڇڏين جو اسان مان ڪوبہ باقي نہ بچي ۽ ڪوبہ ڀڄي نہ ڇُٽي؟


۽ چيم تہ اي منهنجا خدا آءٌ شرمندو آهيان، ۽ اي منهنجا خدا، آءٌ تو ڏانهن پنهنجي منهن کڻڻ کان لڄي ٿيو آهيان، ڇالاءِ جو اسان جا گناهہ اسان جي مٿي تي گهڻا ٿي ويا آهن، ۽ اسان جو ڏوهہ وڌي آسمان تائين چڙهي ويو آهي.


۽ ڏسو اوهين جي گنهگارن جو اولاد آهيو، سي پنهنجن ابن ڏاڏن جي جاءِ تي اُٿيا آهيو؛ انهي لاءِ تہ خداوند بني اسرائيل تي اڃا بہ وڌيڪ ڪاوڙجي.


سو اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جو ماڻ ڀري ٽمٽار ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ