Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 1:5 - Sindhi Bible

5 تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ ڪاهن، ۽ لاوي، مطلب تہ اُهي سڀ جن جي دل ۾ خدا وڌو هو تہ وڃي خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙين، سي اُٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي گھراڻن جا وڏا، ڪاهن، لاوي ۽ اهي شخص جن جي دل ۾ خدا اها ڳالهہ وڌي تہ وڃي يروشلم ۾ خداوند جي هيڪل تعمير ڪجي، سي سڀيئي تيار ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 1:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي فارس جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، انهي لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان ڪيل پورو ٿئي، خداوند فارس جي بادشاهہ خورس جي دل ۾ وڌو، ۽ هن پنهنجي ساري بادشاهت ۾ منادي ڪرائي ۽ لکيل اشتهار بہ موڪليائين، ۽ چيائين تہ


هاڻي فارس جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان ڪيل پورو ٿئي، خداوند، فارس جي بادشاهہ خورس جي دل ۾ وڌو، ۽ هن پنهنجي سڄي بادشاهت ۾ منادي ڪرائي، ۽ لکيل اشتهار بہ موڪليائين جنهن ۾ چيائين، تہ


فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان.


۽ جيڪو باقي رهيل ڪٿي بہ رهندو هجي، تنهن کي اتي جا ماڻهو چاندي، ۽ سون، ۽ مال متاع، ۽ جانورن سان مدد ڪن، ۽ انهيءَ کانسواءِ يروشلم ۾ جو خداوند جو گهر آهي، تنهن لاءِ دل جي خوشيءَ جو نذرانو ڏين.


۽ رات جو آءٌ اُٿيس، ۽ ڪي ٻيا ٿورا ماڻهو بہ مون سان هئا؛ مون ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ٻڌايو تہ خدا منهنجي دل ۾ يروشلم جي اڏائڻ لاءِ ڇا وڌو آهي: جنهن وهٽ تي آءٌ چڙهيل هوس، تنهن کانسواءِ ڪو ٻيو وهٽ بہ مون سان ڪونہ هو.


دل جون تياريون ماڻهوءَ جي بِلي آهن: پر زبان جو جواب خداوند وٽان آهي.


۽ خداوند يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل جي روح کي، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق جي روح کي، ۽ قوم جي سڀني باقي رهيلن جي روح کي سجاڳ ڪيو، ۽ هو، لشڪرن جي خداوند، يعني پنهنجي خدا جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ لڳا.


پر خدا جو شڪر آهي جو اوهان جي لاءِ طيطس جي دل ۾ ههڙي سرگرمي پيدا ڪئي اٿس.


ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري.


اي پيارا، برائيءَ جي پيروي نہ ڪر، پر چڱائي ڪر. جيڪو نيڪي ٿو ڪري، سو خدا مان آهي؛ جيڪو بدي ٿو ڪري، تنهن خدا کي ڏٺو ئي ڪينهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ