Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 9:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن پئي ماڻهو ماريا، ۽ مون کي ڇڏي ڏنائون، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ هاءِ، اي خداوند خدا، يروشلم تي پنهنجي ڪاوڙ ڇنڊڻ ۾ تون اسرائيل جا باقي رهيل سڀ ماڻهو ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هاڻي جڏهن هنن ماڻهو پئي ماريا تڏهن آءٌ اڪيلو وڃي بچيس. پوءِ آءٌ منهن ڀر سجدي ۾ ڪريس ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! تون يروشلم تي پنهنجو قهر نازل ڪري اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي باقي رهيل سڀني ماڻهن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 9:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرهام ويجهو اچي چيو تہ تون راستبازن کي بہ بدڪارن سان گڏ برباد ڪندين ڇا؟


۽ دائود مٿي نهاريو ۽ ڏٺائين تہ خداوند جو ملائڪ آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ اُگهاڙي ترار جهليو بيٺو آهي، ۽ سندس هٿ يروشلم تي ڊگهيريل آهي، تڏهن دائود ۽ سڀني بزرگن کٿا ڍڪيا ۽ منهن ڀر ڪِري پيا.


۽ شام جي قربانيءَ وقت، آءٌ پنهنجي شرمندگيءَ ۾، ڦاٽل ڪپڙن ۽ قبا سميت اُٿيس، ۽ گوڏن ڀر ڪِري، خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان هٿ ڊگهيريم؛


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس، نبي هنن کي چون ٿا تہ اوهين ترار نہ ڏسندا، نڪي اوهان ۾ ڏڪار پوندو! پر آءٌ اوهان کي هن هنڌ يقيناً خير سلامتي ڏيندس.


تو يهوداہ کي اصل رد ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟ تنهنجي روح کي صيون کان نفرت آئي آهي ڇا؟ ڇو تو اسان کي اهڙو ماريو آهي جو اسين ڇٽي چڱا ڀلا نٿا ٿيون؟ اسين خير سلامتيءَ جي لاءِ منتظر هئاسين، پر خير ڪونہ ٿيو؛ ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر هئاسين، پر اُٽلندو خوف پيدا ٿيو!


تڏهن مون چيو تہ هاءِ اي خداوند خدا! يقيناً تو هن قوم سان ۽ يروشلم سان ڏاڍي دغا ڪئي آهي جو چيو اٿيئي تہ اوهين سلامت رهندا؛ پر حقيقت ڪري ترار اچي جان تائين پهتي آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون نبوت پئي ڪئي، تڏهن فلطياہ بن بناياہ ڪِري پيو ۽ مري ويو. تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس ۽ وڏي آواز سان دانهون ڪري چيم، تہ هاءِ، خداوند خدا! تون اسرائيل جي باقي بچيلن جي اصل پڄاڻي ڪري ڇڏيندين ڇا؟


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس منهنجو روح ناپاڪ نہ ٿيو آهي: ڇالاءِ جو ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين جيڪي پاڻهي ئي ٿو مري، يا جيڪي مرن ڦاڙي ڇڏيو آهي، تنهن مان ڪڏهن بہ نہ کاڌو اٿم؛ ۽ نڪو حرام گوشت منهنجي وات ۾ پيو آهي.


هاڻي جلدي آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ پنهنجو غصو توتي پورو ڪندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس.


تڏهن موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي ساري جماعت جي سامهون منهن ڀر ڪري پيا.


۽ جڏهن موسيٰ اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪريو.


اوهين هن جماعت مان نڪري وڃو تہ آءٌ هنن کي هڪڙي پل ۾ چٽ ڪري ڇڏيان. تڏهن انهن سجدو ڪيو.


۽ آءٌ اڳئين وانگر، چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون، خداوند جي اڳيان سجدي ۾ پيو هوس؛ ۽ مون نڪا ماني کاڌي نڪي پاڻي پيتم؛ ڇالاءِ جو اوهان وڏو گناهہ ڪيو هو، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ بڇڙو هو سو ڪري، اوهان خداوند کي ڪاوڙايو هو.


تڏهن يشوع، ۽ اسرائيل جا بزرگ، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي خداوند جي صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر ڪري پيا؛ ۽ هو پنهنجن مٿن تي مٽي وجهڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ