Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 9:5 - Sindhi Bible

5 ۽ ٻين کي هن منهنجي ٻڌندي چيو، تہ اوهين هن جي پٺيان شهر منجهان وڃو ۽ ماريو: پنهنجي اک کي گذر ڪرڻ نہ ڏيو، ۽ نڪو رحم ڪريو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ مون ٻڌو تہ خداوند ٻين ڇهن ماڻهن کي فرمايو تہ ”اوهين هن جي پٺيان شهر وچان لنگھي وڃو ۽ قتلام ڪريو. اوهين ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيو، نڪي ڪنهن تي ڪو رحم ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 9:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ايلياہ هنن کي چيو تہ بعل جي نبين کي پڪڙيو؛ جيئن هڪڙو بہ نہ ڀڄي وڃي. ۽ اُنهن کي پڪڙيائون: ۽ ايلياہ هنن کي وٺي قيسون نهر تي آندو، ۽ اُتي هنن کي قتل ڪيائين.


۽ هن کين چيو تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ترار چيلهہ سان ٻڌي منزلگاهہ ۾ هڪڙي دروازي کان ٻي دروازي تائين گشت ڪري، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي سنگتيءَ کي، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي قتل ڪري.


۽ انهن جون ڪمانون جوان ماڻهن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينديون، ۽ انهن کي کير پياڪن تي ڪوبہ رحم نہ ايندو؛ انهن جي اک ٻارن کي بہ ڇڏي نہ ڏيندي.


۽ لشڪرن جي خداوند پاڻ کي منهنجن ڪنن ۾ ظاهر ڪيو، تہ پڪ آهي تہ جيسين اوهين جيئرا آهيو تيسين هي گناهہ ڌوپي صاف ٿي نہ ويندو؛ خداوند، لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.


لشڪرن جي خدا منهنجي ڪن ۾ چيو تہ يقيناً گهڻا گهر ويران ٿيندا، بلڪ وڏا ۽ عمدا گهر خالي رهندا.


ڇالاءِ جو موت اسان جن درين منجهہ چڙهي آيو آهي، ۽ اسان جن محلاتن ۾ گهڙي آيو آهي؛ تہ ٻارن کي گهٽين مان، ۽ جوان ماڻهن کي چونڪ مان وڍي ڇڏي.


مون خداوند فرمايو آهي: اهو ضرور ٿيندو، ۽ آءٌ ائين ڪندس؛ آءٌ پشيمان نہ ٿيندس؛ نڪي آءٌ گذر ڪندس، نڪي آءٌ ڦرندس؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تنهنجين راهن موافق هو تنهنجي عدالت ڪندا.


۽ اُهو مون انهي رويا موافق ٿي ڏٺو، هائو، انهي رويا وانگر ٿي ڏٺم جڏهن آءٌ اهو شهر ناس ڪرڻ آيو هوس؛ ۽ اُهي رويا بہ اُنهي رويا جهڙا هئا، جي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺا هئا: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ توکي ضرور گهٽائيندس، جو تو پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجن سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ نہ منهنجي اک گذر ڪندي ۽ نہ آءٌ رحم ڪندس.


۽ منهنجي اک توکي ڇڏي نہ ڏيندي، ۽ نہ مون کي ڪو رحم ايندو: پر آءٌ تنهنجون واٽون توتي آڻيندس، ۽ تنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم تنهنجي وچ ۾ هوندا: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ منهنجي اک توکي ڇڏي نہ ڏيندي، ۽ نہ مون کي ڪو رحم ايندو، پر آءٌ توکي تنهنجن ڪمن موجب سزا ڏيندس، ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم تنهنجي وچ ۾ هوندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند مارڻ وارو آهيان.


تنهنڪري آءٌ بہ هنن سان قهر جي هلت ڪندس: منهنجي اک گذر نہ ڪندي، ۽ نہ مون کي رحم ايندو: ۽ جيتوڻيڪ هو وڏيون رڙيون ڪري منهنجن ڪَنن ۾ پڪاريندا، تہ بہ آءٌ هنن جي ڪين ٻڌندس.


۽ منهنجي بہ اک گذر نہ ڪندي، نڪي آءٌ رحم ڪندس، پر آءٌ هنن جي واٽ سندن مٿي تي آڻيندس.


۽ خداوند هن کي چيو تہ شهر جي وچان، يعني يروشلم جي وچان، لنگهي وڃ ۽ انهي منجهہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ ۾ ٿا اچن، تن لاءِ جيڪي ماڻهو آهون ۽ دانهون ڪن ٿا، تن جي پيشانين تي نشان ڪر.


ٻڍي توڙي جوان، ڪنواري توڙي ننڍن ٻارن ۽ زالن کي اصل قتل ڪري ڇڏيو: پر جنهن ماڻهوءَ تي نشان هجي، انهي کي ويجهو نہ اچجو؛ ۽ منهنجي پاڪ مڪان کان شروع ڪريو. تڏهن هنن بزرگن کان شروع ڪيو، جي گهر جي اڳيان هئا.


هاڻي سائول جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳي خداوند سموئيل کي خبر ڏني، ۽ چيائينس تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ