Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 8:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ هو ڇا ٿا ڪن؟ اسرائيل جو گهراڻو اُتي وڏيون گندگيون ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ آءٌ پنهنجي پاڪ مڪان کان پري هليو وڃان؛ پر تون اڃا بہ ٻيون وڏيون گندگيون وري ڏسندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون ڏسين ٿو تہ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڏس، بني اسرائيل منهنجي مقدس هيڪل کي ڇڏي هتي ڪهڙا نہ ڪراهت وارا ڪم ٿا ڪن! پر تون اڃا بہ کين انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڪندي ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 8:6
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن کي چيائين تہ اي لاوي منهنجي ٻڌو؛ هاڻي پاڻ کي ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گهر کي پاڪ ڪريو، ۽ انهيءَ پاڪ جاءِ مان گندگي ڪڍي وڃو.


سو هن سيلا جي خيمي کي ڇڏي ڏنو، يعني انهي تنبوءَ کي جو هن ماڻهن ۾ کڙو ڪيو هو؛


آءٌ ذري گهٽ انهيءَ جماعت ۽ مجلس جي وچ ۾، هر قسم جي خرابيءَ ۾ وڃي پيس.


۽ خداوند انهي جي مون کي خبر ڏني ۽ مون سمجهيو. تڏهن تو مون کي هنن جا ڪم ڏيکاريا.


ڇالاءِ جو نبي توڙي ڪاهن ٻئي ناپاڪ آهن؛ هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي گهر ۾ هنن جي شرارت ڏٺي آهي.


تہ آءٌ هن گهر کي سيلا جهڙو ڪندس، ۽ هن شهر کي زمين جي سڀني قومن لاءِ لعنت ٺهرائيندس.


يوسياہ بادشاهہ جي ڏينهن ۾ خداوند مون کي هيترو وڌيڪ بہ فرمايو تہ، جيڪي بي وفا اسرائيل ڪيو آهي سو ڪي تو ڏٺو آهي؟ هوءَ سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ ويٺي آهي، ۽ اُتي زناڪاري ڪئي اٿس.


۽ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون انهي گهر ۾ رکيون، جو منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، انهي لاءِ تہ انهي کي پليت ڪن.


تون نٿو ڏسين ڇا تہ هو يهوداہ جي شهرن ۾ ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ڇا ٿا ڪن؟


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني يهوداہ اُهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب آهن: ۽ جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون رکيون آهن، ۽ انهي کي پليت ڪيو اٿن.


۽ خداوند جو جلال گهر جي چانئٺ تان نڪري وڃي ڪروبين تي بيٺو.


۽ ڪروبين پنهنجا پر مٿي کنيا ۽ منهنجي ڏسندي زمين تان چڙهي مٿي هليا ويا، ۽ ڦيٿا بہ سندن پاسي سان چڙهيا: ۽ اُهي وڃي خداوند جي گهر جي اُڀرندي واري لنگهہ جي در تي بيٺا؛ ۽ اسرائيل جي خدا جو جلال انهن جي مٿان هو.


تڏهن ڪروبين پنهنجا پر کنيا، ۽ ڦيٿا انهن جي پاسي ۾ هئا؛ ۽ اسرائيل جي خدا جو جلال هنن جي مٿان هو.


۽ خداوند جو جلال شهر جي وچ مان مٿي چڙهي ويو، ۽ جيڪو جبل شهر جي اُڀرندي پاسي آهي، انهي تي وڃي بيٺو.


تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين باز اچو ۽ پاڻ کي پنهنجن بُتن کان ڦيريو؛ ۽ سڀني ڪراهت جهڙين شين کان پنهنجا منهن مٽيو.


مسڪينن ۽ محتاجن سان ظلم ڪيو هوندائين، زور زبردستيءَ سان ڦرمار ڪئي هوندائين؛ گروي رکيل شيءِ موٽائي نہ ڏني هوندائين، ۽ بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون هوندائين، ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا هوندائين.


هنن پنهنجي چانئٺ منهنجي چانئٺ جي ڀرسان رکي، ۽ پنهنجي در جو ٿنڀ منهنجي در جي ٿنڀ جي ڀرسان، ۽ منهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ رڳي ڀت هئي؛ ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم هنن ڪيا، تن سان هنن منهنجو نالو پليت ڪيو آهي: تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي ڇا؟ پوءِ هن مون کي موٽائي نديءَ جي ڪناري وٽ آندو.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ توکي ضرور گهٽائيندس، جو تو پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجن سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ نہ منهنجي اک گذر ڪندي ۽ نہ آءٌ رحم ڪندس.


هن مون کي هي بہ چيو، تہ اڃا بہ تون ٻيا وڏا ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين، جي هو ڪن ٿا.


تڏهن هن مون کي خداوند جي گهر جي دروازي وٽ آندو، جو اُتر پاسي هو؛ ۽ ڏسو، اُتي زالن تموز لاءِ ويٺي رُنو.


پوءِ هن مون کي ايوان جي در وٽ آندو؛ ۽ نهاريم تہ ڀت ۾ هڪڙو ٽُنگ نظر آيم.


۽ هن مون کي چيو تہ انهي مان اندر لنگهي وڃي ڏس تہ هو ڪهڙيون نہ گندگيون اُتي ڪن ٿا.


هو پنهنجن گلن ۽ پنهنجن ڌڻن سان خداوند کي ڳولڻ ويندا، پر انهي کي نہ لهندا: انهي پاڻ کي هنن کان لڪائي ڇڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ