Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 8:3 - Sindhi Bible

3 ۽ هٿ جهڙي صورت ڊگهي ڪري هن منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ ورتي؛ ۽ روح مون کي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ مٿي کڻي، خداوند جي رويائن ۾، يروشلم جي اندرئين ايوان جي اُتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿو؛ جتي حسد جي مورت رکيل هئي، جا حسد پيدا ڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هن هٿ جهڙي ڪا شيءِ ڊگھيڙي منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ پڪڙي. تڏهن انهيءَ عجيب رويا ۾ خدا جو روح مون کي مٿي هوا ۾ بلنديءَ تي کڻي ويو ۽ پوءِ يروشلم جي ڪوٽ جي اندرين اتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿائين، جتي هڪڙي مورتي کوڙيل هئي، جنهن خداوند کي غيرت ڏياري غضبناڪ بڻايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 8:3
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت آءٌ تو وٽان هليو ويندس، اُنهيءَ وقت خداوند جو روح توکي اُنهيءَ هنڌ کڻي ويندو جنهن جي مون کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهيءَ طرح جڏهن آءٌ اچي اخي آب کي چوندس، ۽ هو توکي لهي نہ سگهندو تڏهن هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندو: پر آءٌ تنهنجو نوڪر ننڍي هوندي کان خداوند کان ڊڄندو آهيان.


۽ جيڪا پتل جي قربانگاهہ خداوند جي اڳيان هئي، سا گهر جي اڳ تان، پنهنجي قربانگاهہ ۽ خداوند جي گهر جي وچان ڪڍي آڻي پنهنجي قربانگاهہ جي اُتر پاسي رکيائين.


۽ هن کي چيائون تہ هاڻي ڏس، تنهنجن ٻانهن سان پنجاهہ زور وارا ماڻهو آهن؛ اسين عرض ٿا ڪريون تہ اُنهن کي موڪل ڏي تہ وڃي تنهنجي ڌڻيءَ کي ڳولين، متان خداوند جي روح هن کي کڻي وڃي ڪنهن جبل تي يا ڪنهن واريءَ ۾ اُڇلايو هجي. ۽ هن چيو تہ انهن کي نہ موڪليو.


۽ جيڪا يسيرت جي مورت هن جوڙائي هئي سا هن انهيءَ گهر ۾ رکائي، جنهن جي بابت خداوند دائود کي ۽ سندس پٽ سليمان کي فرمايو هو، تہ هن گهر ۾، ۽ يروشلم ۾، جو اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون پسند ڪيو آهي، آءٌ هميشہ لاءِ پنهنجو نالو قائم رکندس:


انهن پنهنجين مٿانهين جاين جي ڪري کيس غصو ڏياريو، ۽ پنهنجين اُڪريلن مورتن جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.


تون پنهنجي لاءِ ڪابہ اُڪريل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙ، جا مٿي آسمان ۾، يا هيٺ زمين تي، يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي:


تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛


اوهين ڪنهن بہ ٻئي معبود جي عبادت نہ ڪجو، ڇالاءِ جو خداوند، جنهن جو نالو غيور آهي، سو غيرت وارو خدا آهي.


۽ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون انهي گهر ۾ رکيون، جو منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، انهي لاءِ تہ انهي کي پليت ڪن.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني يهوداہ اُهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب آهن: ۽ جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون رکيون آهن، ۽ انهي کي پليت ڪيو اٿن.


ٽيهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ هيئن ٿيو، تہ جنهن وقت آءٌ ڪبار نديءَ جي ڪناري تي قيدين منجهہ هوس، انهي وقت آسمان کُلي پيو ۽ مون خدا جا رويا ڏٺا.


هاڻي جڏهن اُهو ماڻهو اندر ويو، تڏهن ڪروبي گهر جي سڄي پاسي بيٺا هئا؛ ۽ بادل اندرئين ايوان کي ڀري ڇڏيو.


پوءِ روح مون کي مٿي کڻي خداوند جي گهر جي اُڀرندي واري در وٽ آندو، جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي: ۽ اُتي دروازي جي لنگهہ تي پنجويهہ ماڻهو مون کي ڏسڻ ۾ آيا؛ ۽ انهن ۾ مون قوم جا سردار، يازنياہ بن عزور، ۽ فلطياہ بن بناياہ ڏٺا.


۽ روح مون کي مٿي کڻي، خدا جي روح جي وسيلي رويا ۾ ڪسدين منجهہ قيدين وٽ آڻي لاٿو. انهي طرح جيڪو رويا مون ڏٺو هو، سو مون وٽان هليو ويو.


۽ جڏهن مون نهاريو، تڏهن ڏسو، هڪڙو هٿ مون ڏانهن ڊگهو ٿيو؛ ۽ ڏسو، انهيءَ ۾ هڪڙي ڪتاب جي ويڙهي هئي؛


تڏهن روح مون کي مٿي کنيو ۽ مون پنهنجي پٺيان هڪڙو وڏو سٽڪي جهڙو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ شل خداوند جو جلال پنهنجي جاءِ تي مبارڪ هجي.


انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو.


خداوند جو هٿ مون تي هو، ۽ انهي مون کي خداوند جي روح ۾ کڻي واديءَ جي وچ ۾ آڻي لاٿو؛ ۽ اُها هڏن سان ڀريل هئي؛


خدا جي رويائن ۾ هن مون کي اسرائيل جي زمين ۾ آڻي هڪڙي تمام وڏي جبل تي لاٿو، جنهن جي ڏکڻ پاسي ڄڻ تہ هڪڙو شهر جو نمونو هو.


۽ روح مون کي کڻي اندرين ايوان ۾ آڻي لاٿو؛ ۽ ڏسو، خداوند جي جلال هيڪل کي ڀري ڇڏيو.


هنن پنهنجي چانئٺ منهنجي چانئٺ جي ڀرسان رکي، ۽ پنهنجي در جو ٿنڀ منهنجي در جي ٿنڀ جي ڀرسان، ۽ منهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ رڳي ڀت هئي؛ ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم هنن ڪيا، تن سان هنن منهنجو نالو پليت ڪيو آهي: تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ توکي ضرور گهٽائيندس، جو تو پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙين شين سان ۽ پنهنجن سڀني نفرت جهڙن ڪمن سان منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ نہ منهنجي اک گذر ڪندي ۽ نہ آءٌ رحم ڪندس.


باقي هن جي زيور جي سونهن، سا هنن وڏائي لاءِ رکي: ۽ هن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين، ۽ نفرت جهڙين شين جون مورتون انهي مان جوڙيون: تنهنڪري مون انهن کي سندن لاءِ ناپاڪ ڪيو.


تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هاڻي تون پنهنجون اکيون اُتر ڏانهن کڻ. ان موجب مون پنهنجون اکيون اُتر ڏانهن کنيون ۽ قربانگاهہ جي دروازي تي اُتر پاسي، لنگهہ جي جاءِ تي اُها ئي حسد جي مورت هئي.


۽ ڏسو، جيڪو مٿيون دروازو اُتر ڏانهن آهي، انهي مان ڇهہ ماڻهو آيا، هر ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو هٿيار هٿ ۾ هو؛ ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو سڻيءَ جي پوشاڪ سان هو، جنهن جي چيلهہ ۾ ڪاتبن وارو قلمدان هو. ۽ اُهي اندر لنگهي وڃي پتل واري قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺا.


۽ ڏس، هڪڙي هٿ مون کي ڇهيو، جنهن مون کي منهنجن گوڏن ۽ هٿن جي ترين تي ويهاريو:


تڏهن انهي آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو، ۽ مون کي طاقت بخشيائين.


۽ اُنهي گهڙي ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ جون آڱريون نظر آيون، ۽ بادشاهہ جي محلات جي ڀت جي گچ تي، انهن شمعدان جي سامهون ڪي لکيو: ۽ بادشاهہ هٿ جو اُهو ڀاڱو ڏٺو جنهن اُهو لکيو.


۽ جڏهن هو پاڻيءَ مان نڪتا، تڏهن خداوند جو روح فلپس کي وٺي ويو؛ ۽ خوجي وري هن کي ڪين ڏٺو، ۽ هو خوش ٿي پنهنجو رستو وٺيو هليو ويو.


انهن هن کي ڌارين جي سبب غيرت ڏياري، ۽ مڪروهہ شين جي ڪري کيس ڪاوڙايائون.


جيڪو خدا ناهي تنهن جي سبب انهن مون کي غيرت ڏياري آهي؛ ۽ پنهنجين اجاين ڳالهين جي ڪري مون کي ڪاوڙايو اٿن: سو آءٌ بہ انهن کي اهڙن ماڻهن جي سبب غيرت ڏياريندس جي اُمت نہ آهن؛ ۽ هڪڙيءَ بي عقل قوم جي ڪري کين ڪاوڙائيندس.


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا ڀسم ڪندڙ باهہ آهي، ۽ غيرت وارو خدا آهي.


تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي پٽن کي، انهن جي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان؛


ڇالاءِ تہ خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي وچ ۾ آهي، سو غيرت وارو خدا آهي؛ ۽ ائين نہ ٿئي جو خداوند تنهنجو خدا تو تي ڪاوڙجي، ۽ تو کي زمين جي سطح تان برباد ڪري ڇڏي.


تڏهن يشوع انهن ماڻهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگهندا؛ ڇالاءِ جو هو پاڪ خدا آهي؛ هو غيرت وارو خدا آهي؛ هو اوهان جون خطائون ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ