Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 8:1 - Sindhi Bible

1 ۽ ڇهين سال ۾ ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ، هيئن ٿيو تہ آءٌ پنهنجي گهر ويٺو هوس، ۽ يهوداہ جا بزرگ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تہ خداوند جو هٿ اُتي منهنجي مٿان اچي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اسان جي جلاوطنيءَ جي ڇهين سال، ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ تي جڏهن آءٌ پنهنجي گھر ۾ ويٺو هئس ۽ يهوداہ جا جلاوطن اڳواڻ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو خداوند خدا جي قدرت وڏي زور سان اُتي منهنجي مٿان نازل ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 8:1
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اليشع پنهنجي گهر ويٺو هو ۽ ساڻس گڏ بزرگ ويٺا هئا؛ ۽ بادشاهہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي اڳيان موڪليو: پر انهيءَ کان پهرين قاصد وٽس آيو، هن انهن بزرگن کي چيو تہ ڏسو، ڪيئن نہ هن خونيءَ جي پٽ منهنجي سسي لاهڻ لاءِ ماڻهو موڪليو آهي؟ ڏسو جڏهن اهو قاصد اچي تڏهن در پوري ڇڏجو، ۽ در تان ڌڪي ڪڍجوس: هن جي ڌڻيءَ جي پيرن جو دٻڪو هن جي پٺيان نٿو اچي ڇا؟


تنهن کانپوءِ اسرائيل جي بزرگن مان ڪي مون وٽ آيا ۽ اچي منهنجي اڳيان ويٺا.


تنهنڪري هنن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي بُتن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏئي ٿو، ۽ پنهنجي اڳيان پنهنجي بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر رکي ٿو، ۽ نبيءَ وٽ اچي ٿو؛ انهي کي آءٌ سندن بُتن جي گهڻائي موجب جواب ڏيندس؛


۽ ستين سال ۾، پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ اسرائيل جي بزرگن مان ڪي خداوند کان سوال ڪرڻ آيا، ۽ منهنجي اڳيان اچي ويٺا.


وري نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


۽ يارهين سال ۾، مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


ڏهين ورهيہ جي ڏهين مهيني جي ٻارهين تاريخ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


۽ ستاويهين سال جي پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


تڏهن روح مون کي مٿي کنيو ۽ مون پنهنجي پٺيان هڪڙو وڏو سٽڪي جهڙو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ شل خداوند جو جلال پنهنجي جاءِ تي مبارڪ هجي.


انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو.


۽ اُتي خداوند جو هٿ مون تي هو، ۽ هن مون کي چيو تہ اُٿ، نڪري ميدان ۾ وڃ تہ اُتي آءٌ توسان ڳالهايان.


۽ يارهين سال ۾ پهرئين مهيني جي ستين تاريخ، هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


۽ يارهين سال ۾ ٽئين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


۽ ٻارهين سال ۾، ٻارهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


ٻارهين سال ۾، انهي مهيني جي پندرهين تاريخ، هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


هاڻي انهي ڀڳل ماڻهوءَ جي اچڻ کان اڳ ۾، خداوند جو هٿ شام جي وقت مون تي هو، ۽ هن منهنجو وات پَٽيو؛ ۽ جڏهن اُهو ماڻهو صبح جو مون وٽ آيو، تڏهن منهنجو وات کليل هو ۽ آءٌ گونگو نہ هوس.


هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.


خداوند جو هٿ مون تي هو، ۽ انهي مون کي خداوند جي روح ۾ کڻي واديءَ جي وچ ۾ آڻي لاٿو؛ ۽ اُها هڏن سان ڀريل هئي؛


اسان جي قيد جي پنجويهين ورهيہ ۾، يعني شهر جي برباد ٿيڻ کان پوءِ چوڏهين سال ۾، سال جي شروع ۾ يعني ڏهين تاريخ، انهي ساڳي ڏينهن، خداوند جو هٿ مون تي هو ۽ اُنهي مون کي اُتي آندو:


بادشاهہ ماتم ڪندو، ۽ اميرن تي حيرت غالب ٿيندي، ۽ رعيت جا هٿ ڏڪندا: آءٌ هنن جي چال موافق ساڻن هلت ڪندس، ۽ سندن ڪمن موجب آءٌ هنن جي عدالت ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


تڏهن مون نهاريو تہ باهہ جهڙي هڪڙي شڪل ڏٺم؛ ان جي چيلهہ کان هيٺ باهہ نظر آئي: ۽ ان جي چيلهہ کان مٿي عنبير جهڙي روشنائي.


ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي.


مون ڪنهن جي بہ چاندي ۽ سون يا ڪپڙي جي لالچ نہ ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ