Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 7:16 - Sindhi Bible

16 پر جيڪي هنن مان ڀڄي نڪرندا سي بچندا، ۽ وادين جي ڪبوترن وانگي جبلن تي هوندا، ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ماتم ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن جيڪي انهن مان ڀڄي نڪرندا، سي بچي تہ ويندا، پر ماٿريءَ جي انهن ڪبوترن وانگر هوندا، جيڪي ڊپ وچان جبلن تي نڪري ويا هجن، ۽ اتي اهي ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري پيا روئندا رڙندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 7:16
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تون سچو آهين؛ ڇالاءِ جو اسين جي ڀڄي ڇُٽا آهيون، سي باقي بچيا آهيون، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي: ڏس، اسين پنهنجي گنهگاريءَ ۾ تنهنجي اڳيان حاضر آهيون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڪري ڪوبہ تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.


مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ مون کي جواب ڏي: آءٌ پنهنجي غم ۾ بي آرام آهيان، ۽ ڪنجهان پيو.


جي لشڪرن جو خداوند اسان جي لاءِ ڪي ٿورا ماڻهو باقي نہ بچائي ها، تہ اسين جيڪر سدوم جهڙا ٿيون ها، اسين جيڪر عموراہ جهڙا ٿيون ها.


۽ يهوداہ جي گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا سي وري هيٺ پاڙ هڻندا ۽ مٿي ڦر جهليندا.


ابابيل يا ڪنگ وانگي مون ٻوليون ڪيون؛ ڳيري وانگيان مون اوساريو: منهنجون اکيون مٿي نهاري نهاري ساڻيون ٿيون ٿين: اي خداوند آءٌ ستايل آهيان، تون منهنجو ضامن ٿيءُ.


اسين سڀ رڇن وانگي گجگوڙ ڪريون ٿا: ۽ ڳيرن وانگي اوساريون ٿا: اسين انصاف جي واٽ تڪيون ٿا، پر اهو نہ ٿو لڀي؛ نجات جا منتظر آهيون، پر اها اسان کان پري آهي.


ڇالاءِ جو اسان جا قصور تنهنجي اڳيان وڌي ويا آهن، ۽ اسان جا گناهہ اسان جي برخلاف شاهدي ٿا ڀرين: ڇو تہ اسان جا قصور اسان سان آهن، ۽ اسانجين بدڪارين جي اسان کي خبر آهي:


اُگهاڙين ٽڪرين تي هڪڙو آواز، بني اسرائيل جي روئڻ ۽ منٿ آزيءَ جو آواز، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڇالاءِ جو پنهنجي رستي ڏنگي ڪرڻ ڪري هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو آهي.


هو رئندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، ۽ آءٌ سندن رهبري ڪندس: آءٌ هنن کي پاڻيءَ جي ندين جي ڪنارن سان اهڙي سنئين رستي تي هلائيندس، جنهن تي هو ٿاٻو نہ کائيندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جو پيءُ آهيان، ۽ افرائيم منهنجو پهريون ڄاول ٻار آهي.


جنهن ڪري يهوداہ جا باقي رهيل ماڻهو جي مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ اوڏي ويا آهن، تن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو يا رهندو، جو يهوداہ جي زمين ۾ موٽي اچي، جتي موٽي اچي رهڻ جي لاءِ هو خواهشمند آهن: ڇالاءِ جو ڀڄي نڪرڻ وارن کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ موٽندو.


۽ جيڪي ترار کان بچندا، سي ٿورا ٿي مصر جي ملڪ مان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ موٽي ايندا؛ ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر ۾ رهڻ جي لاءِ اوڏي ويا آهن، سي پاڻهين ڄاڻندا تہ ڪنهن جي ڳالهہ ٿي بيهي، منهنجي يا هنن جي.


ڇالاءِ جو صيون منجهان هڪڙو واويلا جو آواز ٿو ٻڌجي تہ اسين ڪيئن نہ لٽجي ويا آهيون! اسين تمام گهڻو شرمندا ٿيا آهيون، جو اسان اها زمين ڇڏي ڏني آهي، ۽ اسان جا گهر ڊاهي ڪيرائي وڌا اٿن.


انهي هوندي بہ ڏس، انهي ۾ ڪي باقي بچندا، يعني پٽ توڙي ڌيئون، جي ٻاهر ڪڍيا ويندا: ڏس، اُهي اوهان وٽ ايندا، ۽ اوهين انهن جي راهہ ۽ انهن جا ڪم ڏسندا: ۽ جيڪا خرابي مون يروشلم تي آندي آهي تنهن جي نسبت ۾، ۽ ٻيو جيڪي بہ مون انهي تي آندو آهي تنهن سڀ جي نسبت ۾، اوهان کي تسلي ملندي.


منهنجون رڍون سڀني جبلن تي، ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي رلنديون رهيون: هائو، منهنجون رڍون سڄي زمين تي پکڙجي ويون؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي هٿ ڪري.


تڏهن اوهين پنهنجا خراب رستا ياد ڪندا، ۽ پنهنجا ڪم جي چڱا نہ هئا، ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن ڪمن، ۽ پنهنجين بدڪارين جي ڪري خود پنهنجي نظر ۾ اوهين پاڻ کي ڌڪاريندا.


۽ حصب اُگهاڙي ڪري قيد ٿي ويئي آهي، ۽ انهي جون ٻانهيون ڪبوترن جي آواز سان ٿيون اوسارين ۽ ڇاتيون ٿيون ڪُٽين.


خداوند جو وڏو ڏينهن ويجهو آهي، اُهو ويجهو آهي، ۽ تمام جلد ايندو، بلڪ خداوند جي ڏينهن جو آواز ٿو اچي؛ زور وارو ماڻهو اُتي زار زار روئي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ