Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 7:14 - Sindhi Bible

14 هنن قرناءِ وڄائي آهي، ۽ سڀ ڪجهہ تيار ڪيو اٿن؛ پر ڪوبہ جنگ ڪرڻ ڪونہ ٿو وڃي: ڇالاءِ جو منهنجو غضب انهي جي ساري جماعت تي نازل ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جنگ جو توتارو وڄي رهيو آهي، ۽ سڀ هٿيار موجود آهن. پر اوهان مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو جنگ لاءِ ٻاهر نڪري اچي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو غضب سڀني تي هڪجهڙو اچي ڪڙڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 7:14
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين يهوداہ ۾ پڌرائي ڪريو ۽ يروشلم ۾ اشتهار ڏيو؛ ۽ چئو تہ اوهين ملڪ ۾ قرناءِ وڄايو: وڏيون رڙيون ڪري چئو تہ اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿيو، پوءِ اچو تہ ڪوٽ وارن شهرن ۾ هلون.


اوهين انهي ملڪ ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، قومن منجهہ قرناءِ وڄايو، قومن کي ان جي برخلاف تيار ڪريو، هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مني ۽ اشڪناز جون حڪومتون سڏي آڻي گڏ ڪريو: هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ سالار مقرر ڪريو: گهوڙن کي کهرن سوٻٽن وانگي چاڙهي اچو.


بيابان ۾ سڀني اُگهاڙين ٽڪرين تي ڦرلٽ ڪرڻ وارا اچي نڪتا آهن: ڇالاءِ جو خداوند جي ترار هڪڙي ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏي ٿي: ڪنهن بہ ماڻهوءَ لاءِ سلامتي ڪانهي.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو منهنجو غصو ۽ منهنجو غضب هن هنڌ تي آهي؛ ماڻهوءَ توڙي جانور، جهنگ جي وڻن توڙي زمين جي ڦر تي اُهو اوتيو ويندو، ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجهامندو ئي ڪين.


تنهن ڪري آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سان ڀرجي ويو آهيان؛ آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان: اُها بازار ۾ ٻارن تي، ۽ جوان ماڻهن جي جماعت تي گڏي اوتي وجهہ: ڇالاءِ جو مرد زال سميت پڪڙيو ويندو، ۽ ٻڍو، پوريءَ عمر واري ماڻهوءَ سميت.


اي بني بنيمين سلامتيءَ جي لاءِ يروشلم مان ڀڄي وڃو، ۽ تقوع ۾ وڃي قرناءِ وڄايو، ۽ بيت هڪرم ۾ جهنڊو کڙو ڪريو: ڇالاءِ جو خرابي ۽ وڏو موت اُتر کان ايندو نظر ٿو اچي.


۽ جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، اوهان تي ظلم ڪندڙ دشمن سان جنگ تي چڙهو، تڏهن اوهين قرنائين مان خوفائتو آواز ڪڍجو؛ پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان ياد ڪيا ويندا، ۽ پنهنجن دشمنن کان بچايا ويندا.


هن سخت ڪاوڙ ۾ اسرائيل جو سڀ ڪو سڱ وڍي ڦٽو ڪيو آهي؛ هن پنهنجو ساڄو هٿ دشمن تان پٺ تي ڪڍي ورتو آهي: ۽ هن يعقوب کي انهيءَ باهہ جي مچ وانگر ساڙيو آهي، جو چوڌاري ساڙي چٽ ڪندو آهي.


هن دشمن وانگر پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، هو ويريءَ وانگر پنهنجو ساڄو هٿ مٿي کڻي بيٺو آهي، ۽ جيڪي ڏسڻ ۾ سهڻا هئا تن سڀني کي ڪُٺو اٿس: صيون جي ڌيءَ جي تنبوءَ ۾ هن پنهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر هاري وڌي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ