Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 7:13 - Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو وڪڻندڙ وري وڪڻيل شيءِ وٽ موٽي نہ ايندو، جيتوڻيڪ اُهي اڃا جيئرا هوندا: ڇالاءِ جو اهو رويا سڄي جماعت لاءِ آهي؛ ڪوبہ ڪونہ موٽندو، ۽ نڪو پاڻ کي پنهنجيءَ حياتيءَ جي بدڪاريءَ ۾ مضبوط ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 بيشڪ وڪڻندڙ کي سڄي زندگيءَ ۾ اها شيءِ واپس ڪرڻ جو موقعو ئي نہ ملندو. منهنجو اهو فيصلو سڀني لاءِ آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ تبديلي ڪانہ ايندي. هائو، ڪوبہ بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 7:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ڪوڙ سان، جن سچارن کي مون غمگين نہ ڪيو آهي، تن جي دل کي اوهان رنج ڪيو آهي؛ ۽ شرير جي هٿن کي زور وارو ڪيو اٿوَ، تہ اُهو پنهنجي خراب رستي کان باز نہ اچي ۽ جيئرو نہ رهي.


اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جنهن کي روح تي ايترو اختيار آهي تہ روح کي روڪي؛ يا مرڻ جي ڏينهن تي اختيار رکي؛ انهيءَ جنگ ۾ ڇوٽڪارو ڪونهي: جيڪو موت لاءِ مقرر آهي شرارت انهي کي ڪين ڇڏائيندي.


تہ ڏس هي اهو ماڻهو آهي جنهن خدا کي پنهنجي پناهہ نہ سمجهيو؛ پر پنهنجيءَ گهڻيءَ دولت تي پنهنجو ڀروسو رکيائين، ۽ پنهنجيءَ بڇڙائيءَ ۾ پاڻ کي پڪو ڪيائين.


ڇالاءِ جو هن خدا جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي، ۽ قادر مطلق جي برخلاف هو مغروريءَ سان هليو آهي؛


پر جن ڳوٺن جي چوڌاري شهر پناهہ اڏيل نہ هجي، تن ۾ جيڪي گهر هجن سي ٻهراڙيءَ جي ٻنين وانگر ليکيا ويندا: اهي ڇڏائي سگهبا، ۽ جشن واري سال ۾ پاڻهي ڇٽي ويندا.


اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين کي بادشاهہ جي نالي سان لکو، ۽ اُنهيءَ تي بادشاهہ جي مهر هڻو: ڇالاءِ جو جيڪو لکيو بادشاهہ جي نالي سان لکيو ويو آهي، ۽ جنهن تي بادشاهہ جي مُنڊيءَ جي مهر هنئي ويئي آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو رد ڪري نٿو سگهي.


انهي جشن واري سال ۾ اوهان مان سڀ ڪو پنهنجيءَ ملڪيت جو خود مالڪ ٿئي.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان؛ آءٌ ڳالهائيندس ۽ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو پورو ٿيندو؛ انهي ۾ وري دير نہ لڳندي؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي باغي گهراڻا، اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ ڪلام ڪندس ۽ اُهو عمل ۾ آڻيندس.


تنهنڪري هن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجين ڳالهين مان ڪنهن ۾ بہ هاڻي دير نہ ٿيندي، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو ضرور پورو ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ