Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 7:10 - Sindhi Bible

10 ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو: تنهنجي سزا نڪتي آهي؛ لٺ ٻور جهليو آهي؛ مغروريءَ مُکڙيون ڪڍيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ڏسو، اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي. اوهان جي بدبختي اچي اوهان جي دروازي تي بيٺي آهي، ڇاڪاڻ تہ ظلم جي انتها ٿي چڪي آهي، ۽ مغروري چوٽ چڙهي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 7:10
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ آءٌ انهن کي سندن ڏوهن جي سببان لٺ سان، ۽ سندن خطا جي لاءِ چهبڪن سان سزا ڏيندس.


بي عقلن جي وات ۾ مغروريءَ جي لٺ آهي: پر ڏاهن جا چپ انهن کي بچائين ٿا.


مغروري موت کان اڳي ٿي هلي، ۽ هٺيلي دل ڪرڻ کان اڳي.


اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،


پهري واري چيو تہ صبح اچي ٿو، ۽ رات بہ: جي اوهان کي پڇڻو آهي تہ پڇو: ۽ ڦري اچو.


افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!


تنهنڪري تون هنن کي چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اها چوڻي بند ڪرائيندس، ۽ اُها اسرائيل ۾ وري پهاڪي وانگر ڪم نہ آڻيندا؛ پر تون انهن کي چئُہ، تہ ڏينهن ويجها آهن ۽ سڀ ڪنهن رويا جي پورائي ٿيندي.


۽ ان جي ٽارين جي ڪاٺيءَ مان باهہ نڪتي آهي، جنهن اُن جو ڦر ساڙي ڇڏيو آهي، جنهنڪري انهي ۾ اهڙي ڪا مضبوط ڪاٺي ڪانهي جا ڪنهن بادشاهہ جي چوب ٿئي. اهو هڪڙو مرثيو آهي، ۽ مرثيي جي بجاءِ رهندو.


اُها انهي لاءِ تکي ڪئي ويئي آهي تہ ڪوس ڪري؛ ۽ اُها انهي لاءِ چمڪائي ويئي آهي تہ وڄ وانگر ٿئي: تڏهن اسين خوشيون ڪريون ڇا؟ منهنجي پٽ جي لٺ سڀ ڪنهن وڻ کي حقير ٿي ڄاڻي.


ڇالاءِ جو اُها لٺ آزمائي ويئي آهي، ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ جي اُها لٺ جا ٻين کي حقير ٿي ڄاڻي سا نابود ٿي وڃي تہ پوءِ ڇا؟


ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن ويجهو آهي، يعني خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، جو بادلن جو ڏينهن آهي، اهو غير قومن جو ڏينهن ٿيندو.


وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن ويجهو ايندو وڃي: خريد ڪندڙ خوشي نہ ڪري، ۽ نہ وڪڻندڙ غم ڪري، ڇالاءِ جو انهن جي سڄي جماعت تي غضب نازل ٿيو آهي.


پڇاڙي اچي پهتي آهي، اها پڇاڙي اچي پهتي آهي، بلڪ توتي چڙهي آئي آهي؛ ڏس، اُها اچي ٿي.


۽ منهنجي اک توکي ڇڏي نہ ڏيندي، ۽ نہ مون کي ڪو رحم ايندو، پر آءٌ توکي تنهنجن ڪمن موجب سزا ڏيندس، ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم تنهنجي وچ ۾ هوندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند مارڻ وارو آهيان.


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ اُهو ائين ايندو جيئن خرابيءَ جو ڏينهن قادر مطلق کان اچي، انهي ڏينهن جي لاءِ افسوس آهي!


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ شاهديءَ واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن ڇا ٿو ڏسي تہ هارون واري لٺ، جا لاويءَ جي گهراڻي لاءِ هئي، تنهن ۾ مکڙيون ڦٽيون آهن، ۽ گل نڪتا آهن، ۽ پڪيون باداميون لڳيون آهن.


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


پر هو زيادہ فضل ٿو ڏئي، تنهنڪري هو فرمائي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ