Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 6:4 - Sindhi Bible

4 ۽ اوهان جون قربانگاهون سڀ ويران ٿينديون، ۽ اوهان جون سج جون مورتون ڀڄي پونديون، ۽ آءٌ اوهان جا ڪُٺل ماڻهو اوهانجن بُتن جي اڳيان اُڇلائي وجهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اوهان جون قربان‌گاهون ڊاهيون وينديون ۽ اوهان جون لوبان ساڙڻ واريون قربان‌گاهون پڻ ڀورا ڀورا ڪيون وينديون. آءٌ بتن جي پوڄا ڪرڻ وارن سڀني کي سندن بتن جي اڳيان ماري اڇلائي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 6:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند جي حڪم سان هو قربانگاهہ جي برخلاف وڏي سڏ چوڻ لڳو تہ اي قربانگاهہ، قربانگاهہ، خداوند هيئن ٿو فرمائي: ڏس، دائود جي گهراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو؛ ۽ اُهو تو تي انهن مٿانهين جاين جي ڪاهنن کي قرباني ڪندو، جي تو تي لوبان ٿا ساڙين؛ ۽ تو تي ماڻهن جا هڏا ساڙيندا.


۽ هن ٿنڀ ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيا، ۽ يسيرتون وڍائي ڇڏيائين، ۽ انهن جون جايون ماڻهن جي هڏن سان ڀري ڇڏيائين.


۽ هن يهوداہ جي سڀني شهرن مان مٿانهيون جايون، ۽ سج جون مورتيون بہ ڪڍي ڇڏيون: ۽ سندس اڳيان بادشاهت آرام ۾ هئي.


انهي جي ڪري يعقوب جي خطا ميٽجي ويندي، ۽ اهو سڀ هن جي گناهہ ميٽجڻ جو نتيجو آهي: جڏهن هو قربانگاهہ جا سڀ پٿر چن جي نرم ڳنڍن جهڙا ٿو ڪري، جي ڀڄي ڀري ٿا وڃن، تڏهن اتي يسيرتون ۽ سج جون مورتون وري قائم نہ ٿينديون.


هو بيت شمس جا ٿنڀ بہ ڀڃندو، جو مصر جي ملڪ ۾ آهي، ۽ مصر جي معبودن جا گهر هو باهہ سان ساڙيندو.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن انهي کي اڳتي وري توفت ڪري نہ سڏيندا، ۽ نہ هنوم جي پٽ جي وادي سڏيندا، پر ڪوس جي وادي سڏيندا: ڇالاءِ جو توفت ۾ ايستائين پيا دفن ڪندا جيستائين دفن ڪرڻ جي جاءِ باقي نہ بچندي.


۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن هنن جا ڪُٺل ماڻهو، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، سڀني جبلن جي چوٽين تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، ۽ سڀ ڪنهن شاهہ بلوط جي وڻ هيٺ، جتي هو پنهنجن سڀني بُتن لاءِ خوشبودار نذرانا چاڙهيندا هئا، اُتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري، سندن بُتن جي وچ ۾، پيا رهندا.


۽ آءٌ اوهان جون مٿانهيون جايون ڊاهي ڇڏيندس، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا لاش اوهان جي معبودن جي لاشن تي اُڇلائيندس؛ ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت ڪندو.


۽ جڏهن وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ دجون خداوند جي صندوق اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي؛ ۽ دجون جي سسي ۽ سندس هٿن جون ٻئي تريون در جي چانئٺ تي وڍيون پيون آهن؛ رڳو دجون جو ڌڙ باقي بچيل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ