Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 6:3 - Sindhi Bible

3 ۽ چئُہ تہ اي اسرائيل جا جبل، خداوند خدا جو ڪلام ٻڌو: خداوند خدا جبلن کي ۽ ٽڪرن کي، نهرن کي ۽ وادين کي هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ، بلڪ آءٌ پاڻ، اوهان تي ترار نازل ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ مٿانهان مڪان ناس ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ’اي جبل ۽ ٽڪريون! اي برساتي نهرون ۽ ماٿريون! اوهين ٻڌو. آءٌ خداوند اوهان جي خلاف ٿيڻ وارو آهيان، آءٌ اوهان جي انهن سڀني جاين کي جنگ دوران ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، جتي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 6:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هنن پنهنجي لاءِ مٿانهيون جايون، ۽ ٿنڀ، ۽ يسيرت، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ بہ جوڙيا؛


انهي جي ڪري يعقوب جي خطا ميٽجي ويندي، ۽ اهو سڀ هن جي گناهہ ميٽجڻ جو نتيجو آهي: جڏهن هو قربانگاهہ جا سڀ پٿر چن جي نرم ڳنڍن جهڙا ٿو ڪري، جي ڀڄي ڀري ٿا وڃن، تڏهن اتي يسيرتون ۽ سج جون مورتون وري قائم نہ ٿينديون.


۽ وڏي قتلام جي ڏينهن، جڏهن ٺلهہ ڪري پوندا، تڏهن سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي پاڻيءَ جون نديون ۽ چشما وهندا.


ڇالاءِ جو قديم وقت کان مون تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، ۽ تنهنجا بند خلاص ڪري ڇڏيا اٿم؛ ۽ تو چيو تہ آءٌ خدمت نہ ڪنديس؛ ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ تو ڪنڃريءَ وانگي پاڻ کي جهڪايو آهي.


اي زمين، زمين، زمين، خداوند جو ڪلام ٻڌ،


سچ آهي تہ ٽڪر تان ۽ جبلن جي گور مان مدد جي اُميد رکڻ اجائي آهي: سچ پچ اسرائيل جو ڇوٽڪارو خداوند اسان جي خدا ۾ آهي.


يوسياہ بادشاهہ جي ڏينهن ۾ خداوند مون کي هيترو وڌيڪ بہ فرمايو تہ، جيڪي بي وفا اسرائيل ڪيو آهي سو ڪي تو ڏٺو آهي؟ هوءَ سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ ويٺي آهي، ۽ اُتي زناڪاري ڪئي اٿس.


پر اي اسرائيل جا جبل، اوهين پنهنجون ٽاريون ڪڍي منهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجو ڦر ڏيندا؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهچڻ تي آهن.


آءٌ اوهان جي مٿان ترار آڻيندس، جا ڪيل عهد جو بدلو وٺندي؛ ۽ جڏهن اوهين پنهنجن شهرن ۾ گڏ ڪيا ويندا، تڏهن آءٌ اوهان ۾ وبا موڪليندس؛ ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.


۽ آءٌ اوهان جون مٿانهيون جايون ڊاهي ڇڏيندس، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا لاش اوهان جي معبودن جي لاشن تي اُڇلائيندس؛ ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت ڪندو.


۽ اسحاق جون مٿانهيون جايون ويران ٿينديون، ۽ اسرائيل جا پاڪ مڪان غير آباد ٿي ويندا؛ ۽ آءٌ ترار سان يربعام جي گهراڻي جي برخلاف اُٿندس.


هاڻي جيڪي خداوند ٿو فرمائي سو اوهين ٻڌو: اُٿي جبلن اڳيان حجت دليل ڪر، ۽ ڀلي تہ ٽڪريون تنهنجو آواز ٻڌن.


اي جبل ۽ زمين جا جٽاءُ ڪندڙ بنياد، اوهين خداوند جي حجت دليل ٻڌو، ڇالاءِ جو خداوند جو پنهنجي قوم سان تڪرار آهي، ۽ هو اسرائيل سان بحث ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ