Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 6:2 - Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، تون پنهنجو منهن اسرائيل جي جبلن ڏانهن ڪر ۽ انهن جي برخلاف نبوت ڪر

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجو منهن بني اسرائيل جي ملڪ جي جبلن ڏانهن ڪر ۽ انهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 6:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي آدمزاد، تون پنهنجي قوم جي ڌيئرن ڏانهن منهن ڪر، جي پنهنجي دل مان نبوت ٿيون ڪن؛ ۽ تون انهن جي برخلاف نبوت ڪر.


پوءِ هنن ڪُنڍن سان انهي کي هڪڙي پڃري ۾ کڻي وڌو ۽ بابل جي بادشاهہ وٽ وٺي آيس: هنن ڪوٽن ۾ آڻي وڌس تہ سندس آواز اسرائيل جي جبلن تي ٻڌڻ ۾ نہ اچي.


اي آدمزاد، پنهنجو منهن ڏکڻ ڏانهن ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام ڏکڻ ڏانهن ڪڍ، ۽ ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي جي برخلاف نبوت ڪر؛


اي آدمزاد، پنهنجو منهن يروشلم ڏانهن ڪر ۽ پاڪ مڪان ڏانهن پنهنجو ڪلام ڪڍ، ۽ اسرائيل جي ملڪ جي برخلاف نبوت ڪر؛


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو توکي چوندا تہ تون ڇو ٿو آهون ڪرين؟ تڏهن تون چئج تہ انهي خبر جي ڪري، ڇالاءِ جو اُها اچي ٿي: ۽ سڀ ڪا دل پگهرجي ويندي، ۽ سڀ هٿ ضعيف ٿي ويندا ۽ سڀ ڪو روح ماندو ٿي ويندو، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا نستا ٿي ويندا: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُها اچي ٿي ۽ ائين ڪيو ويندو.


اي آدمزاد، پنهنجو رخ بني عمون ڏانهن رک ۽ انهن جي برخلاف نبوت ڪر:


اي آدمزاد، پنهنجو رخ صيون ڏانهن ڪر ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،


۽ آءٌ زمين کي ويران ۽ حيرت جو سبب ڪندس ۽ ان جي طاقت جو فخر بند ٿي ويندو، ۽ اسرائيل جا جبل بہ اهڙا ويران ٿي ويندا جو ڪوبہ منجهان نہ لنگهندو.


آءٌ هنن کي چڱو چارو چاريندس، ۽ انهن جو واڙو اسرائيل جي مٿانهن جبلن تي ٿيندو: اُتي هو هڪڙي چڱي واڙي ۾ آرام ڪنديون ۽ اسرائيل جي جبلن تي عمدو چارو چرنديون.


۽ تون ڄاڻندين تہ اسرائيل جي جبلن جي نسبت ۾ جيڪي ڪفر جون ڳالهيون تو ڪيون آهن، ۽ چيو اٿيئي تہ هو ويران آهن، ۽ اسان کي ڳهڻ لاءِ ڏنا ويا آهن، سي سڀ مون خداوند ٻڌيون آهن.


اي آدمزاد، تون اسرائيل جي جبلن لاءِ نبوت ڪر ۽ چئين تہ اي جبل، خداوند جو ڪلام ٻڌو.


آءٌ انهي زمين ۾ اسرائيل جي جبلن تي هنن کي هڪڙي قوم ڪندس؛ ۽ هڪڙو ئي بادشاهہ هنن سڀني جو بادشاهہ ٿيندو: ۽ هو اڳتي ٻہ قومون ٿي نہ رهندا، نڪي وري ڪڏهن بہ ٻن بادشاهتن ۾ ورهائجي ويندا:


پوءِ تون يروشلم جي گهيري ڏانهن رخ رکج ۽ پنهنجي ٻانهن اُگهاڙي ڪج؛ ۽ انهي جي برخلاف پيشنگوئي ڪج.


۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


۽ انهي وقت يشوع آيو ۽ عناقيم کي ڪوهستان مان، ۽ حبرون مان، ۽ دبير مان، ۽ عناب مان، ۽ يهوداہ جي ۽ اسرائيل جي جابلو ملڪ مان، ناس ڪري ڇڏيو: يشوع انهن سڀني کي سندن شهرن سميت صفا ناس ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ