Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 5:16 - Sindhi Bible

16 اُنهي وقت آءٌ هنن تي ڏڪار جا خراب تير موڪليندس، جي ناس ڪرڻ لاءِ آهن، ۽ جي آءٌ اوهان کي ناس ڪرڻ لاءِ موڪليندس؛ ۽ آءٌ اوهان تي ڏڪار وڌائيندس ۽ اوهان جي مانيءَ جي لٺ ڀڃي ڇڏيندس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن جو رزق بند ڪري ڇڏيندس، سو اهي بکن وگھي پيا مرندا. اهي بک جي اهڙي تڪليف محسوس ڪندا، ڄڻڪ انهن کي ناس ڪرڻ لاءِ تکا تير هلايا ويا هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 5:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سامريہ ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پيو: ۽ ڏس، هنن شهر کي ايستائين گهيرو ڪيو جيستائين ڪ هڪڙي گڏهہ جي سسي چانديءَ جي اسي شيڪلن تي وڪامڻ لڳي، ۽ ڪبوترن جون وٺيون، هڪڙي ماڻ جي چوٿينءَ پتيءَ جيتريون، چانديءَ جي پنجن شيڪلن تي وڪاڻيون.


هن انهي جي لاءِ موت جا هٿيار بہ تيار ڪيا آهن؛ هو پنهنجن تيرن کي باهہ جهڙا ٿو بنائي.


ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند، لشڪرن جو خداوند، يروشلم ۽ يهوداهہ مان سهارو ۽ ٽيڪ، ۽ مانيءَ جي ۽ پاڻيءَ جي اميد کڻي وٺندو؛


چوٿين مهيني جي نائين تاريخ شهر ۾ اهڙو ڏڪار اچي پيو جو انهيءَ ملڪ جي ماڻهن لاءِ ماني ڪانہ لڌي.


هن پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، ۽ مون کي پنهنجي تير جو نشان ڪري رکيو اٿس.


اي آدمزاد، جڏهن ڪو ملڪ ڪنهن قصور ڪرڻ سان منهنجو گناهہ ٿو ڪري، ۽ آءٌ انهي تي پنهنجو هٿ ٿو ڊگهيريان، ۽ انهي جي مانيءَ جي لٺ ڀڃي ٿو ڇڏيان، ۽ اُنهي تي ڏڪار ٿو موڪليان، ۽ اُنهي جا ماڻهو توڙي جانور وڍي ٿو ڇڏيان؛


هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو، تہ اي آدمزاد، ڏس، آءٌ يروشلم ۾ مانيءَ جي لٺ ڀڃي ڇڏيندس: ۽ هو ماني تور سان ۽ ڳڻتيءَ سان کائيندا، ۽ هو پاڻي ماپ سان ۽ حيرانيءَ سان پيئندا:


انهي طرح جڏهن آءٌ ڪاوڙ ۽ غصي ۾، ۽ خوفناڪ ملامتن سان، تو منجهہ عدالتن جي تعميل ڪندس، تڏهن جيڪي قومون تنهنجي چوڌاري آهن تن ۾ اهو ڪم ملامت، ۽ طعنو، ۽ عبرت، ۽ حيرت ٿيندو: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


۽ آءٌ اوهان تي ڏڪار ۽ خراب مرون موڪليندس، جي اوهان جا عزيز ماريندا؛ ۽ مري ۽ خونريزي تو منجهان لنگهندي؛ ۽ آءٌ توتي ترار آڻيندس: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


۽ جڏهن آءٌ اوهان جي روزيءَ کي ڀڃندس، تڏهن ڏهہ زالون هڪڙي تنور ۾ اوهان جون مانيون پچائينديون، ۽ اوهان جون مانيون اوهان کي توري ڏينديون: ۽ اوهين کائيندا پر ڍائبا ئي ڪين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ