Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 5:12 - Sindhi Bible

12 تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 5:12
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري، خداوند، لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو قادر فرمائي ٿو، تہ آءٌ دشمن کان پنهنجي جند آزاد ڪندس، ۽ پنهنجن ويرين کان وير وٺندس:


تنهن ڪري آءٌ انهي کي ائين پکيڙي ڇڏيندس جيئن بيابان جي واءُ ۾ بهہ اُڏامي ويندو آهي.


جڏهن هو روزو رکندا تڏهن آءٌ هنن جي دانهن نہ ٻڌندس؛ ۽ جڏهن هو سوختني قرباني چاڙهيندا ۽ نذرانا پيش ڪندا، تڏهن آءٌ اُهي قبول نہ ڪندس: پر آءٌ انهن کي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ وبا سان ماري کپائي ڇڏيندس.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو مون کي چوندا تہ اسين ڪيڏي هليا وڃون؟ تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي موت ڏي وڃن؛ ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن سي ترار ڏي؛ ۽ جيڪي ڏڪار جي لاءِ آهن سي ڏڪار ڏي؛ ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڏي وڃن.


جنهن ست ڄڻيا آهن سا ماندي ٿي وڃي ٿي؛ انهي ساهہ ڏنو آهي؛ انهي جو سج ڏينهن بيٺي لهي ويو آهي؛ هوءَ شرمندي ۽ پشيمان ٿي آهي، ۽ انهن مان جيڪي باقي بچندا، تنهنجي نسبت ۾، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن کي سندن دشمنن اڳيان ترار جي حوالي ڪندس.


جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ويندو، ۽ جيڪي ڪسدي اوهان کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، تن ۾ ڀڄي وڃي پوندو، سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي.


۽ آءٌ انهن ۾ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض موڪليندس، جيسين ڪہ جيڪا زمين مون هنن کي ۽ هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن مان هو کپي چٽ ٿي وڃن.


تنهن ڪري هاڻي پڪ آهي تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهش ٿا ڪريو، اُتي ئي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا.


ڏس، آءٌ انهن تي نظرداري ڪريان ٿو، نہ چڱائيءَ لاءِ پر بڇڙائيءَ لاءِ: ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ آهن، سي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا، جيسين ڪ سندن پڄاڻي ٿيندي.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هنن کي، يعني انهي قوم کي ناگدونا کارائيندس، ۽ پت جو پاڻي پياريندس.


آءٌ انهن کي اهڙين قومن ۾ پکيڙيندس جن کي نہ هنن پاڻ، ۽ نہ سندن ابن ڏاڏن ٿي سڃاتو: ۽ آءٌ هنن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ هنن کي کپائي ڇڏين.


۽ هن کي مدد ڪرڻ لاءِ جيڪي هن جي چوڌاري آهن تن سڀني کي، ۽ هن جي سڀني ٽولين کي، آءٌ سڀ ڪنهن طرف پکيڙي ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ هنن جي پٺيان ترار ڪڍي پوندس.


يا جيڪڏهن آءٌ انهي ملڪ تي ترار آڻيان ۽ چوان تہ، اي ترار، هن ملڪ مان لنگهي وڃ، انهي لاءِ تہ آءٌ انهن مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيان؛


يا جي آءٌ انهي ملڪ ۾ مري موڪليان، ۽ انهي تي پنهنجي ڪاوڙ خونريزيءَ ۾ اوتي وجهان، انهي لاءِ تہ انهي مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيان:


تڏهن خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اهو حال ٿيندو جڏهن آءٌ پنهنجون چار آفتون يروشلم تي موڪليندس، يعني ترار، ۽ ڏڪار، ۽ نقصان ڪندڙ جانور، ۽ مري، انهي لاءِ تہ انهن مان انسان ۽ حيوان کي وڍي ڇڏيان؟


انهي طرح آءٌ توتي پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس، ۽ منهنجي غيرت تو تان لهي ويندي، ۽ آءٌ بس ڪندس، ۽ توتي وري نہ ڪاوڙبس.


هن جي ساڄي هٿ ۾ يروشلم لاءِ فال هئي تہ ڀتين ڀڃڻ جون ڪَلون بيهاري، ۽ ڪوس جي لاءِ وات کولي، رڙيون ڪري، ۽ نعرا هڻي، دروازن تي ڪَلون رکي، بند ٻڌي ۽ دمدما جوڙي.


تنهنجي گندگيءَ ۾ شهوت پرستي آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون توکي صاف ۽ پاڪ ڪيو، تڏهن تون صاف نہ ٿئينءَ، سو اڳتي تون ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندينءَ، جيستائين آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊي نہ رهندس.


تون هنن کي هيئن چئو تہ خداوند خدا فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيڪي ويران جاين تي رهن ٿا، سي ضرور ترار سان ڪِرندا، ۽ جيڪو کليل ميدان تي آهي، تنهن کي آءٌ جانورن جي حوالي ڪندس، تہ اُهي هن کي ڳڙڪائي وڃن، ۽ جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ هوندا، سي مريءَ جي سبب مرندا.


۽ مون هنن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو، ۽ هو ملڪن ۾ ٽڙي پکڙي ويا: هنن جي راهن، ۽ هنن جي ڪمن موافق مون سندن عدالت ڪئي.


هنن پنهنجي چانئٺ منهنجي چانئٺ جي ڀرسان رکي، ۽ پنهنجي در جو ٿنڀ منهنجي در جي ٿنڀ جي ڀرسان، ۽ منهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ رڳي ڀت هئي؛ ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم هنن ڪيا، تن سان هنن منهنجو نالو پليت ڪيو آهي: تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.


تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس.


۽ آءٌ اوهان تي ڏڪار ۽ خراب مرون موڪليندس، جي اوهان جا عزيز ماريندا؛ ۽ مري ۽ خونريزي تو منجهان لنگهندي؛ ۽ آءٌ توتي ترار آڻيندس: مون خداوند ائين فرمايو آهي.


انهي جون ٽيون حصو، گهيري جي ڏينهن پوري ٿيڻ کانپوءِ شهر جي وچ ۾ باهہ سان ساڙ؛ ۽ ٽيون حصو کڻي انهي کي ترار سان هيڏي هوڏي ڌڪ هڻ؛ ۽ ٽيون حصو هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ترار ڪڍندس.


تنهن هوندي بہ آءٌ ڪجهہ باقي ڇڏيندس، جي اوهان مان ترار کان بچي نڪري قومن ۾ ويندا؛ ۽ انهي وقت اوهين ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندا.


ترار ٻاهران آهي، ۽ مري ۽ ڌڪار اندر وچ ۾ آهن: جيڪو ٻنيءَ ۾ آهي سو ترار سان مرندو، ۽ جيڪو شهر ۾ آهي، تنهن کي ڏڪار ۽ مرض ناس ڪندو.


هاڻي تنهنجي پڇاڙي اچي پهتي آهي، ۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس.


۽ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ دربدر ڪندس، ۽ اوهان جي پٺيان ترار ڪڍندس: ۽ اوهان جو ملڪ ويران، ۽ اوهان جا شهر غير آباد ٿي ويندا.


۽ جيتوڻيڪ هو قيد ٿي پنهنجي دشمن جي اڳيان ويندا، تہ بہ اُتي آءٌ ترار کي حڪم ڪندس تہ هنن کي ڪُهي ڇڏي: ۽ آءٌ هنن تي بڇڙائي لاءِ نگاهہ ڪندس ۽ نہ چڱائيءَ لاءِ.


ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ حڪم ڪري اسرائيل جي گهراڻي کي سڀني قومن منجهان ائين ڇاڻيندس جيئن اَن پروڻ ۾ ڇاڻيو وڃي، تنهن هوندي بہ ننڍي ۾ ننڍو داڻو زمين تي نہ ڪِرندو.


پر آءٌ کين سڀني قومن ۾، جن جا هو واقف نہ آهن، واچوڙي سان ڇڙوڇڙ ڪندس. ائين ئي ملڪ هنن کانپوءِ ويران ٿي ويو ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ آمدرفت ڪانہ هئي: ڇالاءِ جو هنن دلپسند ملڪ کي ويران ڪيو.


انهن قومن منجهہ توکي سک ڪونہ ملندو، نڪي تنهنجي پير جي تريءَ کي آرام ايندو: خداوند توکي اتي دل جي ڏڪڻي، ۽ اکين جو ڌنڌ، ۽ جان جو جهورو ڏيندو:


۽ مون نهاريو تہ هڪڙو ڦڪي رنگ جو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جو نالو موت هو؛ ۽ مُئلن جو عالم سندس پٺيان هو؛ ۽ انهن کي زمين جي چوٿين حصي تي اهو اختيار ڏنو ويو تہ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مريءَ سان، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن سان ماڻهو مارين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ