Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 48:9 - Sindhi Bible

9 وقف وارو حصو جو اوهان کي خداوند خدا لاءِ ڏيڻو ٿيندو، سو پنجويهہ هزار ڪانا ڊگهو ۽ ڏهہ هزار ڪانا ويڪرو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ حصي جي وچ واري ايراضي مون خداوند لاءِ مخصوص هوندي، جنهن جي ڊيگھہ اولهہ کان اوڀر طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر اتر کان ڏکڻ طرف ڏهہ ڪلوميٽر هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 48:9
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن کي هڪڙي ميراث ملندي؛ آءٌ انهن جي ميراث آهيان: ۽ اسرائيل مان اوهين هنن کي ڪابہ ملڪيت نہ ڏجو؛ آءٌ هنن جي ملڪيت آهيان.


تنهن کانسواءِ جڏهن اوهين ورثي جي لاءِ ڪُڻن سان زمين ورهائيندا، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ ڪري خداوند جي لاءِ وقف جو نذرانو ڪري ڏجو: ان جي ڊيگهہ پنجويهہ هزار ڪانا هجي، ۽ ويڪر ڏهہ هزار: اُها چوڌاري ان جي سرحدن ۾ پاڪ ٿيندي.


۽ اهو وقف وارو پاڪ حصو انهن لاءِ، يعني ڪاهنن لاءِ ٿيندو؛ اُتر ڏانهن پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾، اُلهندي ڏانهن ڏهہ هزار ويڪر ۾، ۽ اُڀرندي ڏانهن ڏهہ هزار ويڪر ۾، ۽ ڏکڻ ڏانهن پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾: ۽ خداوند جو پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو.


۽ يهوداہ جي سرحد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين اُهو وقف وارو حصو ٿيندو، جو اوهان کي پيش ڪرڻو ٿيندو، يعني پنجويهہ هزار ڪانا ويڪر ۾، ۽ ڊيگهہ ۾ هڪڙي حصي جيترو، اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين. ۽ پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو.


۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ سيلا ۾ اچي چيائون، تہ خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڪيو هو تہ اسان کي رهڻ لاءِ شهر، ۽ اسان جي چوپائي مال چارڻ لاءِ انهن جون ٻهراڙيون ملن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ