Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 48:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي انهن فرقن جا نالا هي آهن: اُتر واري پاسي، حتلون جي رستي جي ڀرسان، جماعت جي گهڙڻ واري جاءِ، حصر عينان تائين، جا دمشق جي سرحد وٽ اُتر ڏانهن حمات جي پاسي آهي؛ اهي اُڀرندي کان الهندي تائين؛ دان جو هڪڙو حصو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1-7 خداوند فرمايو تہ ”هر هڪ قبيلي کي ملڪ مان پنهنجو پنهنجو حصو ملندو، جيڪو اوڀر واري سرحد کان ويندي اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين هوندو. انهن حصن جي ورهاست بني اسرائيل جي ملڪ جي اتر پاسي واري سرحد کان شروع ٿيندي، جيڪا ڀونوچ سمنڊ کان وٺي حتلون شهر جي رستي سان حمات لڪ کان ويندي حصرعينان شهر تائين هوندي، ۽ جنهن جي اتر ۾ دمشق ۽ حمات جا علائقا آهن. ملڪ جي اترئين علائقي ۾ جن قبيلن کي حصا ڏنا ويندا سي اتر واري سرحد کان ڏکڻ طرف ويندي ملڪ جي وچ واري حصي تائين هن ترتيب سان مقرر آهن: دان، آشر، نفتالي، منسي، افرائيم، روبن ۽ يهوداہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 48:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ، لشڪر جو سردار يوآب، جو ساڻس هو، تنهن کي چيو تہ هاڻي تون دان کان وٺي بيرسبع تائين اسرائيل جي سڀني فرقن ۾ وڃ ۽ ماڻهن جو شمار ڪر تہ مون کي خبر پوي تہ ڪل ماڻهو ڪيترا آهن.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هيءَ حد ٿيندي، جنهن موافق اوهين اسرائيل جي ٻارهن ئي فرقن موجب اها زمين ورثي ۾ ورهائي انهن کي ڏيندا. يوسف کي بہ حصا ملندا.


۽ اُلهندي واري حد ٿيندي وڏو سمنڊ، ڏکڻ واري سرحد کان وٺي حمات جي گهڙڻ واري جاءِ جي آمهون سامهون تائين. اها آهي اُلهندي پاسي جي حد.


۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن بہ فرقي ۾ ڪو پرديسي رهندو هجي، انهي کي اُتي سندس ورثو ڏجو؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


اهو آهي بني دان جي فرقي جو ورثو، سندن قبيلن موجب، يعني اهي شهر سندن ڳوٺن سميت.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ