Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 47:3 - Sindhi Bible

3 جڏهن اُهو ماڻهو ڏوري هٿ ۾ کڻي اُڀرندي ڏانهن نڪري ويو، تڏهن هن هڪ هزار هٿ ماپيا ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي مرن جيڏا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ اهو ماڻهو اوڀر طرف هلندي ماپ واري ڪاني سان وهندڙ واهيءَ جي ماپ وٺندو هليو. هن پنج سؤ ميٽر ماپڻ کان پوءِ مون کي پاڻيءَ مان لنگھڻ لاءِ چيو. مون ڏٺو تہ اتي پاڻي رڳو منهنجي پيرن جي مُرن تائين ٿي پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 47:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن مون کي اُتي آندو ۽ ڏسو، اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو چهرو پتل جي رنگ جهڙو هو، ۽ هٿ ۾ هڪڙي سڻيءَ جي ڏوري، ۽ ماپ ڪرڻ جو ڪانو هوس، ۽ اُهو در تي بيٺو هو.


تنهن کانپوءِ هو اُتر واري دروازي کان مون کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ ٻاهرين رستي کان، ٻاهرين دروازي ڏانهن مون کي وٺي هليو، يعني انهي دروازي واري رستي کان جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي؛ ۽ ڏس، ساڄي پاسي کان پاڻي وهي ٿي نڪتا.


وري هن هڪ هزار ماپيو ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي گوڏن جيڏا هئا. وري هن هڪ هزار ماپيو ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي چيلهہ جيڏا هئا.


۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ جي ڏور هئي.


ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ خود انهي لاءِ چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس، ۽ آءٌ انهي جي وچ ۾ جلالي ٿيندس.


۽ ڏسو، تہ جنهن جو منهنجي پيءُ انجام ڪيو آهي، سو اوهان تي نازل ڪندس؛ پر جيسين ڪ اوهان کي مٿان طاقت نہ ملي، تيسين شهر ۾ رهجو.


هن کي خدا پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، ۽ جيئن پيءُ اڳيئي واعدو ڪيو هوس، تيئن کيس پاڪ روح مليو، جو هن نازل ڪيو آهي، تنهنڪري هي اوهين ڏسو ۽ ٻُڌو ٿا.


۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي.


۽ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو: ۽ هڪڙي چيو تہ اُٿ، ۽ وڃي خدا جي پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي، ۽ جيڪي منجهس عبادت ٿا ڪن، تن جي ماپ ڪر.


۽ جنهن مون سان ڳالهايو ٿي تنهن وٽ، شهر ۽ انهي جي دروازن ۽ سندس ڀت ماپڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ