Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 41:4 - Sindhi Bible

4 ۽ هن انهي جي ڊيگهہ هيڪل جي اڳيان ماپي تہ ويهہ هٿ ٿي، ۽ ويڪر بہ ويهہ هٿ ٿي: ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ تمام پاڪ جاءِ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هن انهيءَ ڪمري جي بہ ماپ ورتي، تہ اهو ڏهن ميٽرن وارو چورس ڪمرو هو. پوءِ هن مون کي چيو تہ ”هيءَ مقدس ترين جاءِ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 41:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ گهر جي پٺئين پاسي، فرش کان وٺي ڀتين تائين هن ويهہ هٿ ديودار جي تختن سان اڏايا: بلڪ انهيءَ جي اندران بہ الهامگاهہ لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، هن اُهي اڏايا.


۽ الهامگاهہ جي اندر جيڪا جاءِ ٿي آئي سا ويهہ هٿ ڊگهي، ۽ ويهہ هٿ ويڪري، ۽ ويهہ هٿ اوچي هئي؛ ۽ هن انهيءَ تي نج سون لڳايو: ۽ قربانگاهہ کي ديودار جي ڪاٺ سان ڍڪي ڇڏيائين.


۽ گهر جي ڀت تي هن چوڌاري، يعني گهر جي ڀتين تي، جهڙو پاڪ جاءِ جي، تهڙو الهامگاهہ جي چوڌاري، طبقا جوڙايائين: ۽ هن چوڌاري پاسي واريون ڪوٺيون بہ جوڙايون:


۽ پيالا، ۽ ڦل وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ چمچا، ۽ باهہ کڻڻ جون ٿالهيون، نج سون جون؛ ۽ نرماد اندرئين گهر جي درن لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، ۽ گهر جي درن لاءِ، يعني هيڪل جي لاءِ، سون جا.


۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کڻي پنهنجي مقرر جاءِ تي آندي، يعني گهر جي الهامگاهہ ۾، پاڪ ترين جاءِ تي، اصل ڪروبين جي پرن هيٺ.


۽ هن تمام پاڪ گهر جوڙيو؛ جنهن جي ڊيگهہ، گهر جي ويڪر موجب ويهہ هٿ هئي، ۽ ويڪر ويهہ هٿ: ۽ انهيءَ تي هن عمدو سون ڇهہ سؤ قنطارن جيترو مڙهايو.


۽ ڪاهنن خداوند جي عهدنامي جي صندوق، گهر جي محراب ۾ تمام پاڪ مڪان ۾، يعني ڪروبين جي پرن هيٺ، پنهنجي جاءِ تي کڻي رکي.


۽ هيڪل ۽ پاڪ مڪان کي ٻہ در هئا.


۽ اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ اُنهي جي ڊيگهہ ۽ ويڪر هڪ جهڙي هئي: ۽ هن انهي لٺ سان شهر کي ماپيو تہ ساڍا ست سؤ ڪوهہ ٿيو: هن جي ڊيگهہ، ويڪر ۽ بلندي هڪ جيتري هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ