Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 41:1 - Sindhi Bible

1 پوءِ هن مون کي هيڪل ۾ آندو ۽ ٿنڀن جي ماپ ڪيائين، تہ انهي جي ويڪر ڇهہ هٿ هِن پاسي ٿي ۽ ڇهہ هٿ هُن پاسي، ۽ اها تنبوءَ جي ويڪر هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي وچين ڪمري يعني مقدس جاءِ ۾ وٺي آيو. هن انهيءَ جي دروازي جي ماپ ڪئي، جيڪو ٽي ميٽر ٿلهو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 41:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني اسرائيل مصر جي زمين مان نڪتا تنهن کان چار سؤ اسي ورهيہ پوءِ، ۽ اسرائيل تي سليمان جي بادشاهيءَ جي چوٿين ورهيہ ۾، زيو جي مهيني ۾، جو ٻيو مهينو آهي، هيئن ٿيو جو هن خداوند جو گهر جوڙڻ شروع ڪيو.


۽ جيڪو گهر بادشاهہ سليمان خداوند جي لاءِ جوڙيو تنهن جي ڊيگهہ سٺ هٿ هئي، ۽ ان جي ويڪر ويهہ هٿ هئي، ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ هئي.


تنهن کان پوءِ هن مون کي ٻاهرين ايوان ۾ آندو، ۽ اُتي ڏسان تہ ڪوٺيون آهن ۽ چوڌاري ايوان جي لاءِ فرش جڙيل آهي: انهي فرش تي ٽيهہ ڪوٺيون هيون.


تنهن کان پوءِ هن در جو اڳ وارو ايوان ماپيو تہ اٺ هٿ ٿيو؛ ۽ ان جا ٿنڀ ٻہ هٿ هئا؛ در جو ايوان گهر ڏانهن هو.


باقي هيڪل، سو انهي جي در جا ٿنڀ چورس ٺاهيل هئا؛ ۽ پاڪ مڪان جو منهن ظاهري صورت ۾، هيڪل جي ظاهري صورت جهڙو هو.


۽ هيڪل ۽ پاڪ مڪان کي ٻہ در هئا.


پوءِ هو اندر ويو ۽ در جو هرهڪ ٿنڀ ماپيائين، تہ ٻہ هٿ ٿيو: ۽ در ڇهہ هٿ ٿيو؛ ۽ در جي ويڪر ست هٿ ٿي.


پوءِ هن مون کي اُتر واري رستي کان ڪڍي ٻاهرين ايوان ۾ آندو: ۽ جيڪا ڪوٺي انهي علحدي جاءِ جي آمهون سامهون هئي، ۽ جيڪا اُتر پاسي واري عمارت جي آمهون سامهون هئي، تنهن ۾ هن مون کي آندو.


۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون.


۽ جنهن مون سان ڳالهايو ٿي تنهن وٽ، شهر ۽ انهي جي دروازن ۽ سندس ڀت ماپڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي.


۽ مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ ڏس، خدا جو خيمو ماڻهن ۾ آهي، هو انهن سان رهندو، ۽ اهي سندس اُمت ٿيندا، ۽ خدا پاڻ هنن سان رهندو، ۽ سندن خدا ٿيندو؛


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ ٿنڀ وانگر ڪندس، ۽ هو وري اُتان ڪڏهن بہ ٻاهر ڪين نڪرندو: آئون انهي تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر جو نالو، يعني نئون يروشلم، جو منهنجي خدا وٽان آسمان مان لهي هيٺ ايندو، ۽ خود پنهنجو نئون نالو لکندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ