Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 40:7 - Sindhi Bible

7 ۽ سڀڪا ڪوٺي هڪڙو ڪانو ويڪري هئي؛ ۽ ڪوٺين جي وچ ۾ وڇوٽي پنج هٿ هئي؛ ۽ در جي چانئٺ اڳ واري در جي ايوان وٽ گهر جي پاسي هڪ ڪانو هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ جي پويان لنگھہ جي ٻنهي پاسن تي پهريدارن لاءِ هڪٻئي جي سامهون ٽي ٽي ڪمرا ٺهيل هئا. هر هڪ ڪمرو چورس هو، جنهن جي هر پاسي جي ماپ ٽي ميٽر هئي ۽ انهن ڪمرن جي وچ ۾ اڍائي اڍائي ميٽرن جي وڇوٽي هئي. اڳتي هلي لنگھہ ۾ اندرئين پاسي واري هڪ ٻي چانئٺ هئي جيڪا بہ ٽي ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ کان اڳتي هڪڙو هال هو جنهن جي ٻئي پاسي تي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 40:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن جو ڪم اهو هو تہ خداوند جي گهر جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ ڪوٺين ۾ ۽ سڀني پاڪ شين کي مخصوص ڪرڻ ۾، يعني خدا جي گهر جي خدمت جي ڪم ۾، بني هارون جي مدد ڪن.


ڇالاءِ جو چار مکيہ دربان، جي لاوي هوندا هئا، سي ٺهرايل عهدي تي هوندا هئا، ۽ اهي خدا جي گهر ۾ ڪوٺين تي ۽ خزانن تي هوندا هئا.


۽ ڪلين جي تور سون جا پنجاهہ شيڪل هئي، ۽ مٿين ڪوٺين کي هن سون مڙهايو.


تڏهن حزقياہ حڪم ڏنو تہ خداوند جي گهر ۾ ڪوٺيون تيار ڪن: ۽ ماڻهن اهي ڪوٺيون تيار ڪيون.


اوهين انهن جي سنڀال ڪريو، ۽ خبردار رهو، جيستائين ڪ اهي يروشلم ۾ خداوند جي گهر جي ڪوٺين ۾، ڪاهنن جي سردارن، ۽ لاوين جي اڳيان، توري انهن جي حوالي ڪريو.


۽ خداوند جي گهر ۾ خدا جي بندي حنان بن يجدلياہ جي پٽن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيو سان، جا اميرن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربان مسعياہ بن سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي:


۽ دروازي جون ڪوٺيون اُڀرندي ڏانهن، ٽي هن پاسي هيون ۽ ٽي هن پاسي؛ اُهي ٽيئي هڪڙي ماپ جون هيون: ۽ ٿنڀن جي بہ هڪڙي ئي ماپ هئي، جهڙي هن پاسي تهڙي هُن پاسي.


۽ ان جون ڪوٺيون ٽي هِن پاسي هيون، ۽ ٽي هُن پاسي؛ ۽ ان جا ٿنڀ ۽ ان جون ڪمانون پهرئين دروازي جي ماپ موافق هئا: ان جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي، ۽ ويڪر پنجويهہ هٿ.


۽ انهي جي ڪوٺين، ۽ ٿنڀن ۽ ڪمانن جي هنن ماپن موجب ماپ ڪئي: ۽ چوڌاري انهي ۾، ۽ ڪمانن ۾، دريون هيون: اُهو ايوان پنجاهہ هٿ ڊگهو ۽ پنجويهہ هٿ ويڪرو هو.


۽ انهي جي ڪوٺين ۽ ٿنڀن ۽ ڪمانن جي هن هنن ماپن موجب ماپ ڪئي: ۽ انهي ۾، ۽ انهي جي ڪمانن جي چوڌاري دريون هيون: اهو ايوان بہ پنجاهہ هٿ ڊگهو ۽ پنجويهہ هٿ ويڪرو هو.


انهي جي ڪوٺين ۽ ٿنڀن ۽ ڪمانن جي بہ؛ ۽ انهي ۾ چوڌاري دريون هيون: ۽ ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي ۽ ويڪر پنجويهہ هٿ.


هن گهر جي پاسي اڳ واري در جو ايوان بہ ماپيو تہ هڪ ڪانو ٿيو.


هاڻي مٿيون ڪوٺيون ننڍيون هيون: ڇالاءِ جو انهن مان هيٺين ۽ وچين ڪوٺين کان وڌيڪ عمارت جو حصو انهن ورانڊن ۾ اچي ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ