Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 40:4 - Sindhi Bible

4 ۽ انهي ماڻهو مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجين اکين سان ڏس، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻڌ، ۽ جيڪي آءٌ توکي ڏيکاريان تنهن تي دل سان ڌيان ڏي؛ تہ آءٌ توکي اهي ڏيکاريان: ڇالاءِ جو تون هتي انهي لاءِ آندو ويو آهين تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو تون اسرائيل جي گهراڻي کي بيان ڪري ٻڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ تو کي ڏيکاريان ٿو، تنهن تي دل وَ جان سان ڌيان ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ ئي تو کي هتي آندو ويو آهي. سو جيڪي ڪجھہ تون ڏسين سو بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌائج.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 40:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڙي تون، جو منهنجو ڳاهہ ۽ منهنجي پڙ جو اَنُ آهين: جيڪي مون لشڪرن جي خداوند، اسرائيل جي خدا کان ٻڌو آهي، سو مون اوهان کي ٻڌايو آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ اُٿي بيهہ ۽ جيڪي يهوداہ جا شهر خداوند جي گهر ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ ٿا اچن، تن سڀني کي اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌاءِ، جن جي ٻڌائڻ لاءِ آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان؛ هڪڙو لفظ بہ پٺتي نہ رک.


۽ انهيءَ مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ توسان ڳالهايان.


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، آءٌ توکي بني اسرائيل ڏانهن ٿو موڪليان، ۽ انهن قومن ڏانهن جي باغي ٿيون آهن، ۽ جن منهنجي برخلاف بغاوت ڪئي آهي: هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ تائين منهنجي حڪم جي عدولي پئي ڪئي آهي.


اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ نگهبان بنايو آهي: تنهنڪري منهنجي واتان هي ڪلام ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.


اي آدمزاد، تون اهو گهر اسرائيل جي گهراڻي کي ڏيکار، تہ هو پنهنجين بدڪارين کان شرمندا ٿين: ۽ تون هنن کي اهو نمونو ماپڻ ڏي.


۽ خداوند مون کي فرمايو تہ اي آدمزاد، ڌيان ڏي، جيڪي آءٌ توکي خداوند جي گهر جي رسمن، ۽ انهي جي قانون بابت چوان سو سڀ پنهنجي اکين سان ڏس، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻڌ؛ گهر ۾ گهڙڻ جي جاءِ کي، ۽ پاڪ مڪان مان سڀني نڪرڻ جي جاين کي ڌيان ڏيئي ڏس.


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي ڇا؟ پوءِ هن مون کي موٽائي نديءَ جي ڪناري وٽ آندو.


جيڪي آئون اوهان کي اونداهيءَ ۾ ٿو چوان سو اوهين روشنائيءَ ۾ چئجو. ۽ جيڪي اوهين ڪَن ۾ ٻُڌو سو کڏن تي پڪارجو.


ڇالاءِ جو آئون خدا جي ساري مرضي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس.


ڇالاءِ جو اها ڳالهہ مون کي خداوند کان ملي، ۽ مون اوهان کي پهچائي ڏني، تہ ڪهڙيءَ طرح جنهن رات خداوند يسوع حوالي ڪيو ويو، هن ماني کنئي،


تڏهن انهن کي چيائين، تہ جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڀري آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي رکجو؛ ۽ انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو، تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ