Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 40:1 - Sindhi Bible

1 اسان جي قيد جي پنجويهين ورهيہ ۾، يعني شهر جي برباد ٿيڻ کان پوءِ چوڏهين سال ۾، سال جي شروع ۾ يعني ڏهين تاريخ، انهي ساڳي ڏينهن، خداوند جو هٿ مون تي هو ۽ اُنهي مون کي اُتي آندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اسان جي جلاوطنيءَ جي پنجويهين سال پهرئين مهيني جي ڏهين تاريخ تي، جيڪو يروشلم شهر جي زوال جو چوڏهون سال هو، خداوند جي قدرت مون تي وڏي زور سان نازل ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 40:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين اسرائيلين جي سڄيءَ جماعت کي چئو تہ هن مهيني جي ڏهين تاريخ، هرڪو ماڻهو پنهنجي اباڻي خاندان موجب، پنهنجي پنهنجي گهر لاءِ هڪڙو گهيٽو کڻي.


۽ چار سؤ ٽيهن ورهين کان پوءِ، انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند جا سڀ لشڪر مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا.


تون پهرين تاريخ جماعت واري تنبوءَ ۾ عبادت جو خيمو کڙو ڪج.


۽ روح مون کي مٿي کڻي، خدا جي روح جي وسيلي رويا ۾ ڪسدين منجهہ قيدين وٽ آڻي لاٿو. انهي طرح جيڪو رويا مون ڏٺو هو، سو مون وٽان هليو ويو.


۽ ستاويهين سال جي پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو.


۽ اُتي خداوند جو هٿ مون تي هو، ۽ هن مون کي چيو تہ اُٿ، نڪري ميدان ۾ وڃ تہ اُتي آءٌ توسان ڳالهايان.


۽ ٻارهين سال ۾، ٻارهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


ٻارهين سال ۾، انهي مهيني جي پندرهين تاريخ، هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


۽ اسان جي قيد جي ٻارهين سال ۾، ڏهين مهيني جي پنجين تاريخ، هيئن ٿيو تہ هڪڙو شخص، جو يروشلم مان ڀڄي نڪتو هو، تنهن مون کي اچي چيو تہ شهر تباهہ ٿي ويو آهي.


خداوند جو هٿ مون تي هو، ۽ انهي مون کي خداوند جي روح ۾ کڻي واديءَ جي وچ ۾ آڻي لاٿو؛ ۽ اُها هڏن سان ڀريل هئي؛


۽ ڇهين سال ۾ ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ، هيئن ٿيو تہ آءٌ پنهنجي گهر ويٺو هوس، ۽ يهوداہ جا بزرگ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تہ خداوند جو هٿ اُتي منهنجي مٿان اچي پيو.


خداوند جي ڏينهن آئون روح ۾ اچي ويس، ۽ پنهنجي پٺيان تريءَ جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻُڌم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ