Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 4:3 - Sindhi Bible

3 ۽ هڪڙي لوهہ جي چادر کڻي، پنهنجي ۽ انهي شهر جي وچ ۾ لوهہ جي ڀت جي بجاءِ بيهار؛ پوءِ انهي ڏانهن رخ رک تہ اُهو گهيري هيٺ اچي وڃي، ۽ تون انهي کي گهيرو ڪر. اها اسرائيل جي گهراڻي لاءِ نشاني ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ تون لوهہ جو هڪڙو تئو کڻ. اهو تئو پنهنجي ۽ سر تي نقش ڪيل شهر جي وچ تي لوهہ جي ديوار طور کڙو ڪر. تون پنهنجيون نظرون شهر ڏانهن کُپائج، تہ جيئن شهر گھيري هيٺ محسوس ٿئي. بيشڪ تون ئي انهيءَ کي گھيرو ڪرڻ وارو ٿيندين. اهو سڀ ڪجھہ بني اسرائيل قوم لاءِ هڪڙي تنبيهہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 4:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند فرمايو تہ جيئن منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن ورهين تائين اُگهاڙو ٿي، پيرين اُگهاڙو هليو آهي، تہ مصر ۽ ڪوش جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت ٿئي؛


۽ هيئن ٿيو تہ تنهنجون تمام عمديون واديون جنگي گاڏين سان ڀريل هيون، ۽ گهوڙيسوار در تي قطار ٻڌي بيهي ويا.


ڏس، آءٌ ۽ جيڪي ٻار خداوند مون کي ڏنا آهن، سي اسرائيل ۾ لشڪرن جي خداوند جا، جو صيون جبل تي ٿو رهي، نشان ۽ معجزا آهيون.


(يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي نائين ورهيہ جي ڏينهن مهيني ۾ بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر ۽ سندس سڄو لشڪر يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ اچي انهي کي گهيرو ڪيائون؛


۽ صدقياہ جي يارهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي نائين تاريخ، شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون:)


تون چئُہ تہ آءٌ اوهان جي لاءِ نشان آهيان: جيئن مون ڪيو آهي، تيئن هنن سان بہ ڪيو ويندو: هنن کي شهر نيڪالي ملندي، ۽ هو قيد ٿي ويندا.


هنن جي ڏسندي اهو تون پنهنجي ڪلهي تي رکي رات جي وقت کڻي وڃ؛ تون پنهنجو منهن ڍڪج تہ زمين نہ ڏسين: ڇالاءِ جو مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ هڪڙو نشان مقرر ڪيو آهي.


انهي جون ٽيون حصو، گهيري جي ڏينهن پوري ٿيڻ کانپوءِ شهر جي وچ ۾ باهہ سان ساڙ؛ ۽ ٽيون حصو کڻي انهي کي ترار سان هيڏي هوڏي ڌڪ هڻ؛ ۽ ٽيون حصو هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ترار ڪڍندس.


۽ هو پنهنجي سڄي بادشاهت جي زور سان، سچارن سميت اچڻ جي لاءِ ڪوشش ڪندو؛ ۽ پنهنجي خواهش پوري ڪندو: ۽ هو انهي کي زالن جي ڌيءَ ڏيندو تہ انهي کي خراب ڪري؛ پر هوءَ نہ بيهندي، ۽ نہ هن جي ٿيندي.


۽ جيڪڏهن تنهنجي قرباني تئي تي پڪل کاڌي جي قرباني هجي، تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي فطيريءَ مانيءَ جي هجي.


۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي:


خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ