Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 4:2 - Sindhi Bible

2 ۽ انهي کي گهيرو ڪر ۽ انهي جي سامهون دمدما جوڙ، ۽ انهي جي سامهون هڪڙو بند ٻڌ؛ ۽ انهي جي سامهون لشڪرگاهہ جا تنبو کڙا ڪر، ۽ انهي جي چوڌاري ڀتين ڀڃڻ واريون ڪَلون بيهار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ انهيءَ شهر جي چوڌاري گھيرو ڏيکار جنهن ۾ مورچا، مٽيءَ جا دِڪا، لشڪرگاهہ جا تنبو ۽ ڀتين ڀڃڻ واريون مشينون بيهار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 4:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن اچي بيت معڪہ جي ابيل ۾ هن کي گهيرو ڪيو، ۽ هنن شهر جي سامهون هڪڙو وڏو بند ٻڌو، ۽ اهو قلعي جي ڀت جي آڏو بيٺل هو: ۽ جيڪي ماڻهو يوآب سان هئا سي ڀت کي ڪيرائڻ لاءِ انهي کي ڌڪ هڻڻ لڳا.


۽ هيئن ٿيو تہ تنهنجون تمام عمديون واديون جنگي گاڏين سان ڀريل هيون، ۽ گهوڙيسوار در تي قطار ٻڌي بيهي ويا.


ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.


ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هن شهر جي گهرن بابت، ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي گهرن بابت، جي گهيري ۽ ترار کان بچاءُ جي لاءِ ڀڃي ڇڏيا ويا هئا، هيئن ٿو فرمائي، تہ


۽ ان جي حڪومت جي نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ نبوڪدرضر، بابل جو بادشاهہ، پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو، ۽ اُن جي چوڌاري منزل ڪري لهي پيو؛ ۽ ان جي چوڌاري ساڻس وڙهڻ لاءِ دمدما جوڙيائون.


ڇالاءِ تہ لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ اوهين وڻ وڍي ڇڏيو ۽ يروشلم جي اڳيان هڪڙو بند ٻڌو: اهو ئي شهر آهي جنهن تي آفت اچڻي آهي؛ اُهو اندر ۾ سمورو ظلم آهي.


هن جي ساڄي هٿ ۾ يروشلم لاءِ فال هئي تہ ڀتين ڀڃڻ جون ڪَلون بيهاري، ۽ ڪوس جي لاءِ وات کولي، رڙيون ڪري، ۽ نعرا هڻي، دروازن تي ڪَلون رکي، بند ٻڌي ۽ دمدما جوڙي.


آءٌ انهي کي اونڌو ڪندس، اونڌو، اونڌو ڪندس، پوءِ هي اڳتي اهڙو نہ رهندو، جيستائين اُهو اچي جنهن جو حق آهي، ۽ آءٌ اهو انهي کي ڏيندس.


انهي جون ٽيون حصو، گهيري جي ڏينهن پوري ٿيڻ کانپوءِ شهر جي وچ ۾ باهہ سان ساڙ؛ ۽ ٽيون حصو کڻي انهي کي ترار سان هيڏي هوڏي ڌڪ هڻ؛ ۽ ٽيون حصو هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ترار ڪڍندس.


پوءِ اُتر جو بادشاهہ ايندو ۽ هڪڙو بند ٻَڌائيندو، ۽ هڪڙو مضبوط قلعي وارو شهر وٺندو: ۽ ڏکڻ جون ٻانهون، توڙي هن جا چونڊيل ماڻهو، پير جهلي نہ سگهندا، نڪا پير جهلڻ جي ڪا طاقت هوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ