Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 4:16 - Sindhi Bible

16 هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو، تہ اي آدمزاد، ڏس، آءٌ يروشلم ۾ مانيءَ جي لٺ ڀڃي ڇڏيندس: ۽ هو ماني تور سان ۽ ڳڻتيءَ سان کائيندا، ۽ هو پاڻي ماپ سان ۽ حيرانيءَ سان پيئندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 خداوند مون کي انهيءَ مثال جي سمجھاڻي هيئن ڏني تہ ”اي آدمزاد! ڏس، آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن کان فاقا ڪڍائيندس. هنن وٽ ايترو تہ ٿورو کاڌو ۽ ايترو تہ ٿورو پاڻي هوندو جو اهي حيران وَ پريشان ۽ نااميد ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 4:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چوٿين مهيني جي نائين تاريخ شهر ۾ اچي ڏڪار پيو، اهڙو جو ملڪ جي ماڻهن لاءِ ماني ڪانہ ٿي لڌي.


۽ سامريہ ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پيو: ۽ ڏس، هنن شهر کي ايستائين گهيرو ڪيو جيستائين ڪ هڪڙي گڏهہ جي سسي چانديءَ جي اسي شيڪلن تي وڪامڻ لڳي، ۽ ڪبوترن جون وٺيون، هڪڙي ماڻ جي چوٿينءَ پتيءَ جيتريون، چانديءَ جي پنجن شيڪلن تي وڪاڻيون.


وري هن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار موڪليو؛ ۽ سندن روزيءَ کي ڀڃي ڇڏيائين.


تو پنهنجي قوم کي سختي ڏيکاري آهي: تو اسان کي آٿڙائڻ وارو شراب پياريو آهي.


ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند، لشڪرن جو خداوند، يروشلم ۽ يهوداهہ مان سهارو ۽ ٽيڪ، ۽ مانيءَ جي ۽ پاڻيءَ جي اميد کڻي وٺندو؛


چوٿين مهيني جي نائين تاريخ شهر ۾ اهڙو ڏڪار اچي پيو جو انهيءَ ملڪ جي ماڻهن لاءِ ماني ڪانہ لڌي.


ان جا سڀ ماڻهو آهون ٿا ڪن، اُهي مانيءَ جي ڳولا ۾ آهن؛ هنن پنهنجي مزي جهڙيون شيون ڏيئي ڇڏيون آهن تہ سندن جان کي تازي ڪرڻ لاءِ کاڌو ملي: اي خداوند ڏس ۽ نظر ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ذليل ٿي پئي آهيان.


اسان پنهنجو پاڻي بہ ملهہ ڏيئي پيتو آهي؛ اسان جون ڪاٺيون بہ اسان کي وڪڻي ٿا ڏين.


بيابان جي ترار جي خوف کان پنهنجو ساهہ بچائي، اسين پنهنجي ماني هٿ ڪريون ٿا.


اي آدمزاد، جڏهن ڪو ملڪ ڪنهن قصور ڪرڻ سان منهنجو گناهہ ٿو ڪري، ۽ آءٌ انهي تي پنهنجو هٿ ٿو ڊگهيريان، ۽ انهي جي مانيءَ جي لٺ ڀڃي ٿو ڇڏيان، ۽ اُنهي تي ڏڪار ٿو موڪليان، ۽ اُنهي جا ماڻهو توڙي جانور وڍي ٿو ڇڏيان؛


تڏهن هن مون کي چيو تہ ڏس مون توکي ماڻهوءَ جي گونهن جي بدران ڳائو ڇيڻو ڏنو آهي، اُنهيءَ تي تون پنهنجي ماني پچائج.


اُنهي وقت آءٌ هنن تي ڏڪار جا خراب تير موڪليندس، جي ناس ڪرڻ لاءِ آهن، ۽ جي آءٌ اوهان کي ناس ڪرڻ لاءِ موڪليندس؛ ۽ آءٌ اوهان تي ڏڪار وڌائيندس ۽ اوهان جي مانيءَ جي لٺ ڀڃي ڇڏيندس؛


۽ جڏهن آءٌ اوهان جي روزيءَ کي ڀڃندس، تڏهن ڏهہ زالون هڪڙي تنور ۾ اوهان جون مانيون پچائينديون، ۽ اوهان جون مانيون اوهان کي توري ڏينديون: ۽ اوهين کائيندا پر ڍائبا ئي ڪين.


انهي ڪري ٻہ يا ٽي شهر پاڻي پيئڻ لاءِ رلندا، هڪڙي شهر ۾ آيا، پوءِ بہ ڍءُ نہ ٿين: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


۽ جڏهن هن ٽين مهر کولي تڏهن مون ٻُڌو، تہ ٽئين جاندار چيو تہ ”اچ.“ ۽ مون نهاريو ۽ هڪڙو ڪارو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جي هٿ ۾ هڪڙي ساهمي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ