Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 39:2 - Sindhi Bible

2 ۽ آءٌ توکي هيڏي هوڏي ڦيرائيندس، ۽ توکي اڳتي وٺي هلندس ۽ توکي اُتر جي پرانهن ڀاڱن مان ڪڍندس: ۽ توکي اسرائيل جي جبلن تي آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 آءٌ تو کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻيندس. هائو، آءٌ تو کي اتر جي ڏورانهن علائقن کان گهليندو بني اسرائيل جي جابلو علائقن تي چاڙهي آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 39:2
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن واري جاءِ مان گهوڙن تي چڙهيل، هڪڙي وڏي جماعت ۽ هڪڙي زبردست لشڪر سان گڏ اُٿندين:


تون مون تي ڪاوڙيو آهين، ۽ تنهنجي بي ادبي منهنجن ڪنن تائين پهتي آهي؛ تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ وجهندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجي وات ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي تون آيو آهين تنهن رستي توکي پٺ تي موٽائيندس.


جيڪي منهنجيءَ جان کي برباد ڪرڻ ٿا چاهين سي سڀ شرمندا ٿين ۽ منجهي پون: جيڪي منهنجي نقصان ۾ راضي آهن سي هٽي وڃن ۽ بدنام ٿين.


۽ پڇاڙيءَ جي وقت ڏکڻ جو بادشاهہ ساڻس وڙهندو: ۽ اُتر جو بادشاهہ واچوڙي وانگر گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ گهڻن جهازن سان مٿس ڪاهي ايندو؛ ۽ هو ملڪن ۾ گهڙي پوندو، ۽ پکڙجي ويندو ۽ انهن منجهان لنگهي هليو ويندو.


جيئن دونهون اُڏاميو وڃي تيئن انهن کي اُڏائي ڇڏ: جيئن ميڻ باهہ تي پگهريو وڃي، تيئن بدڪار خدا جي سامهون فنا ٿي وڃن.


اتي سڀئي اُتر جا امير ۽ سڀيئي صيدوني آهن، جي ڪُٺلن سان گڏ هيٺ ويا آهن؛ جيڪو خوف هنن پنهنجي زور سان وڌو، تنهن جي ڪري هو شرمندا ٿيا آهن؛ ۽ هو اڻ طهريلن انهن سان گڏ پيا آهن، جي ترار سان ڪُٺل آهن ۽ پنهنجي خواري انهن سان گڏ ٿا کڻن، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.


اي آدمزاد، جوج جي برخلاف نبوت ڪر ۽ چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس اي جوج، روش، مشڪ ۽ توبل جا بادشاهہ، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان:


۽ آءٌ ڌڪ هڻي تنهنجي ڏائي هٿ مان ڪمان ڪيرائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجي ساڄي هٿ مان تير ڪيرائي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ