Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 38:8 - Sindhi Bible

8 گهڻن ڏينهن کان پوءِ تون ياد ڪيو ويندين ۽ پوين سالن ۾ تون انهي زمين ۾ ايندين جا ترار کان ڇڏائي ويئي آهي، ۽ انهي جا ماڻهو قومن مان گڏ ڪيا ويندا، ۽ اسرائيل جي جبلن تي، جي ويران آهن، انهن تي چڙهي ايندا ۽ اُهي سڀ سلامتيءَ سان رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ڪجھہ سالن کان پوءِ آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهيءَ ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندس، جيڪو جنگ جي ڪري تباهہ ٿي ويو هو. انهيءَ ملڪ کي گھڻي وقت لاءِ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪي ڪنهن وقت جلاوطن ٿي گھڻين غير قومن منجھہ رهندا آيا آهن، سي پنهنجي وطن ۾ اچي آباد ٿيندا. هائو، اهي سڀيئي بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان پنهنجي ملڪ جي جابلو علائقن ۾ رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 38:8
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب پنهنجن پٽن کي سڏي چيو تہ اوهين اچي گڏ ٿيو تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ پوين ڏينهن ۾ اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو.


تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛


۽ هو ائين گڏ ڪيا ويندا جيئن قيدي بهري ۾ گڏ ڪبا آهن، ۽ قيدخاني ۾ بند ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ گهڻن ڏينهن کان پوءِ انهن جي خبر لهندا.


لشڪرن جو خداوند، گجگوڙ سان، ۽ زلزلي سان، ۽ وڏي آواز سان، واچوڙي سان، ۽ طوفان سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، توکي سزا ڏيڻ ايندو.


اي قومون هل مچايو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿي وينديون؛ ۽ پرانهن ملڪن وارا اوهين سڀيئي ڪن ڏيو: پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿيندا؛ پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڃي پرزا پرزا ٿيندا.


انهي جي ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ اسرائيل صحيح سلامت رهندو: ۽ جنهن نالي سان هو سڏبو سو هي آهي تہ خداوند اسان جي راستبازي آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ يعقوب جي تنبن کي قيد مان موٽائي آڻيندس، ۽ ان جي رهڻ جي جاين تي رحم ڪندس؛ ۽ اهو شهر پنهنجي ڦٽل ڍڳ تي اڏيو ويندو، ۽ محلات دستور موجب قائم رهندا.


ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل ۽ يهوداہ جو قيد وري ڦيرائي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي موٽائي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جو مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا.


ڏس، تہ جن ملڪن ۾ مون هنن کي پنهنجي غصي ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجي غضب ۾ هڪالي ڪڍيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي گڏ ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي وري بہ هن هنڌ آڻيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان رهائيندس:


۽ اهو صدقياہ کي بابل ڏي وٺي ويندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هو اُتي هوندو جيسين ڪ آءٌ هن جي خبر لهان: جيتوڻيڪ اوهين ڪسدين سان وڙهندا تہ بہ اوهين فتحياب نہ ٿيندا؟


انهن ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ يروشلم سلامتيءَ سان رهندو؛ ۽ جنهن نالي سان هوءَ سڏبي سو هي آهي: خداوند اسان جي راستبازي آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي هوندي بہ پوئين ڏينهن ۾ آءٌ موآب جا قيدي موٽائي آڻيندس. هيستائين موآب جي عدالت ٿي آهي.


پر خداوند ٿو فرمائي، تہ پوئين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ عيلام جا قيدي موٽائي آڻيندس.


اي صيون جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي؛ هو توکي وري قيد ڪري وٺي نہ ويندو: اي ادوم جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي خبر لهندو؛ هو تنهنجو گناهہ کولي ظاهر ڪندو.


پوءِ هو انهيءَ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، بلڪ هو گهر جوڙيندا ۽ ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ سلامتيءَ سان پيا گهمندا؛ اُهي سڀ جي هن جي چوڌاري هن تي نفرت ٿا ڪن، تن تي آءٌ فتوائن جي تعميل ڪندس؛ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان.


۽ آءٌ انهن کي قومن منجهان ڪڍندس، ۽ ملڪن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ انهن کي سندن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ۽ انهن کي اسرائيل جي جبلن تي پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنارن تي ۽ ملڪ جي سڀني آباد جاين تي چاريندس.


تنهنڪري، اي آدمزاد، نبوت ڪر، ۽ جوج کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن جڏهن منهنجي قوم اسرائيل سلامتيءَ سان رهڻ لڳندي، تڏهن توکي انهي جي خبر نہ پوندي ڇا؟


۽ تون منهنجي قوم اسرائيل تي ائين چڙهي ايندين جيئن بادل زمين کي ڍڪي ڇڏي؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ آءٌ توکي پنهنجي زمين تي چاڙهي آڻيندس تہ قومون مون کي سڃاڻن، ۽ آءٌ هنن جي اکين اڳيان، اي جوج، تنهنجي ڪري پاڪ ظاهر ٿيندس.


۽ هو پنهنجي شرمندگي کڻندا ۽ پنهنجون سڀ بدڪاريون بہ، جن سان هنن منهنجي نافرماني ڪئي آهي؛ تنهن کان پوءِ هو سلامتيءَ سان پنهنجي زمين ۾ رهندا ۽ ڪوبہ ڪونہ ڊيڄاريندن؛


ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.


هاڻي ڏس، آءٌ پنهنجيءَ قوم ڏانهن وڃان ٿو: تون اچ تہ تو کي اطلاع ڏيان تہ هيءَ قوم تنهنجيءَ قوم سان پوين ڏينهن ۾ ڇا ڪندي.


جڏهن تون مصيبت ۾ گرفتار ٿيندين، ۽ هي سڀ حادثا تو تي اچي پوندا، تڏهن تون پوين ڏينهن ۾ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين، ۽ هن جو چوڻ مڃيندين.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ