1 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
1 خداوند مون کي فرمايو تہ
۽ هو الهندي پاسي فلستين جي ڪنڌ تي اُڏامي وڃي لهندا؛ گڏجي اڀرندي جي رهاڪن کي ڦريندا لٽيندا: اهي پنهنجو هٿ ادوم ۽ موآب تي ڊگهيريندا؛ ۽ بني عمون انهن جا تابعدار ٿيندا.
۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند مٿي، مٿانهن جي لشڪر کي، ۽ هيٺ زمين تي، زمين جي بادشاهن کي سزا ڏيندو.
۽ قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ اُهو خدا آهيان جو اسرائيل کي پاڪ ٿو ڪريان، ۽ منهنجو پاڪ مڪان هميشہ لاءِ انهن جي وچ ۾ رهندو.
اي آدمزاد، تون پنهنجو رخ جوج ڏانهن ڪر، جو ماجوج جي زمين ۾ آهي، ۽ روش، مسڪ ۽ توبل جو بادشاهہ آهي، ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،
اي آدمزاد، جوج جي برخلاف نبوت ڪر ۽ چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس اي جوج، روش، مشڪ ۽ توبل جا بادشاهہ، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان:
۽ آءٌ انهيءَ ڏينهن يروشلم کي سڀني قومن لاءِ هڪڙو ڳورو پٿر بنائيندس، ۽ جيڪي ان کي کڻندا، سي سڀ سخت ڦٽجي پوندا؛ ۽ زمين جون سڀ قومون گڏجي اُن جي برخلاف ٿينديون.
۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.
۽ ٻاهر وڃي جيڪي قومون زمين جي چئن ئي ڪنڊن ۾ آهن، تن کي يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو، ۽ جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو: انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آهي.