Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 32:4 - Sindhi Bible

4 ۽ آءٌ توکي زمين تي ڇڏيندس، ۽ توکي کليل ميدان تي اُڇلائي ڦٽو ڪندس، ۽ هوا جي سڀني پکين کي توتي ويهاريندس، ۽ ڪل زمين جي جانورن کي تو مان ڍءُ ڪرائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ تو کي خشڪيءَ تي آڻي مارائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجو لاش کُليل ميدان تي اڇلائي ڇڏيندس. پوءِ آءٌ سڀيئي پکي ۽ جانور تو تي ڇڏيندس، جيڪي سڀ تنهنجو ماس کائي ڍءُ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 32:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي ترار جي حوالي ٿيندا: ۽ لومڙن جو کاڄ ٿيندا.


تو مانگر مڇ جي سسيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ تو اهو بيابان جي رهاڪن کي کاڌي لاءِ ڏنو.


پر تون پنهنجي قبر مان ائين اُڇلايو ويو آهين، جيئن ڪا ڪراهت جهڙي ٽاري هجي، يا جيئن ڪا ڪُٺلن جي پوشاڪ هجي، جنهن کي ترار سان قتل ڪيو هجين، تہ هيٺ کڏ جي پٿرن ۾ وڃي ڪرن؛ جيئن ڪو ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙبو آهي.


جبلن جي شڪاري پکين ۽ زمين جي مرن لاءِ ڇڏيون وينديون: ۽ اهي شڪاري پکي اونهارو انهن تي گذاريندا ۽ زمين جا مرون سيارو انهن تي گذاريندو.


۽ اهي ٻاهر نڪري انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا جن منهنجو گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهن جو ڪينئون نہ مرندو، ۽ نڪي انهن جي باهہ وسامندي؛ ۽ اُهي سڀني ماڻهن اڳيان ڪراهت جهڙي شيءِ ٿيندا.


۽ انهي ڏينهن خداوند جا ڪُٺل زمين جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين هوندا: انهن تي ڪوبہ ماتم ڪونہ ڪندو ۽ نہ انهن کي گڏ ڪري دفن ڪندا: اُهي زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا هوندا.


۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.


۽ آءٌ توکي ۽ تنهنجين ندين جي سڀني مڇين کي بيابان ۾ اُڇلائي ڇڏيندس: تون کليل ميدان تي نڪرندين، تون آڻي سوڙهو نہ ڪيو ويندين ۽ نہ گڏ ڪيو ويندين: آءٌ توکي کاڌو ڪري زمين جي جانورن ۽ هوا جي پکين کي ڏيندس.


۽ آءٌ هنن جي جبلن کي سندس ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيندس: تنهنجي ٽڪرين ۽ تنهنجي وادين ۾، ۽ تنهنجي سڀني نهرن ۾، جيڪي ترار سان ماريا ويندا سي ڪِرندا.


مصر ويران ٿي ويندو، ۽ ادوم بيابان ٿي ويندو، ڇو جو هنن بني يهوداہ سان ظلم ڪيو آهي ۽ ڇالاءِ تہ هنن، هنن جي ملڪ ۾ بيگناهہ رت وهايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ