Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 3:9 - Sindhi Bible

9 چقمق جي پهڻن کان بہ وڌيڪ، بلڪ هيري وانگي مون تنهنجي پيشاني ڪئي آهي: هنن کان نہ ڊڄ، نہ هنن جا منهن ڏسي هراسان ٿيءُ، جيتوڻيڪ اُهو باغي گهراڻو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 آءٌ تو کي اهڙو تہ پختو بڻائيندس، جهڙو ٽڪر. آءٌ تو کي اهڙو تہ سخت بڻائيندس، جهڙو هيرو. سو تون انهن باغي ماڻهن کان بلڪل نہ ڊڄ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 3:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.


اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.


ڇالاءِ جو خداوند خدا مون کي مدد ڏيندو: تنهن ڪري آءٌ لڄي نہ ٿيو آهيان: ۽ مون کي خبر آهي تہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس، تنهن ڪري مون پنهنجو منهن چقمق جهڙو ڪيو آهي.


تنهن ڪري تون پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ اُٿ ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان اهو انهن کي ٻڌاءِ: انهن کي ڏسي ڊڄ نہ، متان انهن جي اڳيان آءٌ توکي حيران پريشان ڪري ڇڏيان.


هنن جي ڪري ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


۽ آءٌ توکي هن قوم جي لاءِ هڪڙي مضبوط پتل جي ڀت ڪندس، ۽ هو تو سان وڙهندا پر تو تي غالب نہ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ توکي بچائڻ ۽ ڇڏائڻ لاءِ آءٌ توسان آهيان.


جيڪي مون کي ستائين ٿا، سي ڀلي تہ شرمندا ٿين، پر مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڀلي تہ هو حيران پريشان ٿين، پر مون کي حيران پريشان ٿيڻ نہ ڏي: هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ ٻيڻي تباهيءَ سان هنن کي تباهہ ڪر.


۽ اي آدمزاد، تون انهن کان نہ ڊڄ ۽ نہ انهن جي ڳالهين کان ڊڄ؛ جيتوڻيڪ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا توسان هجن ۽ تون وڇن منجهہ رهندو هجين تہ بہ انهن جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، ۽ نہ انهن جي شڪلين کان ڊڄ، جيتوڻيڪ هو باغي گهراڻو آهي.


هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان تن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي ۽ اُهي ڪَن ڏيئي ٻُڌ.


ڏس، مون تنهنجي منهن کي هنن جي منهن جي مقابلي ۾ سخت ڪيو آهي ۽ تنهنجي پيشاني هنن جي پيشانين جي مقابلي ۾ سخت ڪئي اٿم.


۽ تون انهن فسادين کي، يعني اسرائيل جي گهراڻي کي چئج تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن سي اوهان جي لاءِ بس آهن.


پر آءٌ سچ پچ خداوند جي روح جي ڪري بلڪل طاقت وارو آهيان ۽ عدالت ۽ طاقت سان ڀريل آهيان، تہ يعقوب کي سندس قصور ۽ اسرائيل کي سندس گناهہ ظاهر ڪري ٻڌايان.


هائو، هنن پنهنجون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪيون، تہ شريعت ۽ انهيءَ ڪلام کي نہ ٻُڌن، جو لشڪرن جي خداوند اڳي نبين تي پنهنجي روح جي معرفت نازل ڪيو هو: انهيءَ ڪري لشڪرن جي خداوند وٽان وڏو غضب نازل ٿيو.


اها ڳالهہ اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ چڱي ۽ پسنديدہ آهي؛


هاري بہ جيڪو پورهيو ڪري ٿو، تنهن کي سڀ کان اڳي پيدائش مان حصو ملڻ گهرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ