Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 3:8 - Sindhi Bible

8 ڏس، مون تنهنجي منهن کي هنن جي منهن جي مقابلي ۾ سخت ڪيو آهي ۽ تنهنجي پيشاني هنن جي پيشانين جي مقابلي ۾ سخت ڪئي اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ڏس، هاڻي آءٌ تو کي اهڙو منهن جو پڪو ۽ ضدي ڪندس، جهڙا اهي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 3:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند خدا مون کي مدد ڏيندو: تنهن ڪري آءٌ لڄي نہ ٿيو آهيان: ۽ مون کي خبر آهي تہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس، تنهن ڪري مون پنهنجو منهن چقمق جهڙو ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي اڄوڪي ڏينهن هن سڄي ملڪ جي سامهون يهوداہ جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، ۽ ملڪ جي ماڻهن جي سامهون هڪڙو ڪوٽ جهڙو شهر، ۽ لوهہ جو ٿنڀ، ۽ پتل جون ڀتيون ڪيو آهي.


۽ آءٌ توکي هن قوم جي لاءِ هڪڙي مضبوط پتل جي ڀت ڪندس، ۽ هو تو سان وڙهندا پر تو تي غالب نہ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ توکي بچائڻ ۽ ڇڏائڻ لاءِ آءٌ توسان آهيان.


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


پر اسرائيل جو گهراڻو تنهنجي نہ ٻڌندو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي ٻڌڻ نٿا گهرن: ڇا اسرائيل جي گهراڻي وارا سڀ سخت پيشاني ۽ سنگدل آهن.


چقمق جي پهڻن کان بہ وڌيڪ، بلڪ هيري وانگي مون تنهنجي پيشاني ڪئي آهي: هنن کان نہ ڊڄ، نہ هنن جا منهن ڏسي هراسان ٿيءُ، جيتوڻيڪ اُهو باغي گهراڻو آهي.


پر آءٌ سچ پچ خداوند جي روح جي ڪري بلڪل طاقت وارو آهيان ۽ عدالت ۽ طاقت سان ڀريل آهيان، تہ يعقوب کي سندس قصور ۽ اسرائيل کي سندس گناهہ ظاهر ڪري ٻڌايان.


ايمان ئي جي ڪري هن بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين: ۽ اهڙي طرح برداشت ڪيائين جو ڄڻ تہ اڻ ڏٺل کي ٿو ڏسي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ