Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 3:18 - Sindhi Bible

18 جڏهن آءٌ ڪنهن شرير کي چوان تہ تون ضرور مرندين؛ ۽ تون هن کي خبردار نہ ڪرين، ۽ شرير کي سندس شرارت واري رستي کان خبردار ٿيڻ لاءِ نہ سمجهائين تہ هن جي حياتي بچي؛ تڏهن اُهو ساڳيو شرير ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ مرندو، پر ان جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جيڪڏهن آءٌ تو کي بدڪارن لاءِ چوان تہ ’اهي ضرور مرندا،‘ پر جي تون انهن کي خبردار نہ ڪرين ۽ نہ وري کين تاڪيد ڪرين جو هو بدڪاريءَ واري رستي کان باز رهندي پنهنجي حياتي بچائي وٺن، تڏهن اهي بدڪار تہ پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري مرندا، پر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 3:18
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جي نگهبان ترار ايندي ڏسي قرناءِ نہ وڄائي، ۽ ماڻهو خبردار نہ ٿين، ۽ ترار اچي نڪري، ۽ انهن مان ڪو ماڻهو کڻي وڃي؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ کڄي ويو آهي، پر انهي جي خون جو بدلو آءٌ نگهبان کان وٺندس.


وري جڏهن ڪو سچو ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي اڳيان آٿڙائڻ جو پهڻ رکان ٿو تہ اُهو مرندو؛ ڇالاءِ جو تو هن کي خبردار نہ ڪيو آهي، تنهنڪري هو پنهنجي گناهہ ۾ مرندو، ۽ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن سي ياد ڪيا نہ ويندا؛ پر هن جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس.


۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون ڪري، هنن جي دل تي ڄمائي کين سمجهايائين، تہ اوهين پاڻ کي هن ڏنگيءَ قوم کان بچايو.


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ: پر جيڪڏهن اوهين توبهہ نہ ڪندا تہ اوهين مڙيئي اُنهن وانگر چٽ ٿي ويندا.


پنهنجي، ۽ پنهنجي تعليم جي سنڀال ڪج؛ انهن ڳالهين تي قائم رهندو اچج؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي توڙي پنهنجي ٻُڌڻ وارن کي بچائيندين.


تڏهن وري چيائين تہ آئون وڃان ٿو، ۽ اوهين مون کي ڳوليندا، پر جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، ۽ اوهين پنهنجي گناهہ ۾ مرندا.


جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي: پٽ پيءُ جو گناهہ نہ کڻندو. نڪي پيءُ پٽ جو گناهہ کڻندو؛ سچار جي سچائي اُنهي تي رهندي، ۽ شرير جي شرارت بہ انهي تي ئي رهندي.


تنهنڪري مون چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا: ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين نہ مڃيندا تہ آئون اُهو ئي آهيان، تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ انهن ڌنارن جي برخلاف آهيان؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون انهن کان ڇڪي وٺندس، ۽ رڍن چارڻ کان انهن کي موقوف ڪندس؛ نڪي اُهي ڌنار وري اڳتي پنهنجو پيٽ ڀريندا؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون هنن جي وات مان ڇڏائيندس، تہ هو انهن جو قوت نہ ٿين.


ڏسو سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي پيءُ جي جان، تهڙي پٽ جي جان منهنجي آهي: جيڪا جان گناهہ ڪندي سا مرندي.


شرير برائيءَ ڪرڻ سان هيٺ ڪيرايو وڃي ٿو: پر سچي کي پنهنجي مرڻ کان پوءِ بہ اميد رهي ٿي.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي تڪڙ ڪري هٿ نہ رک، نڪي ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿيءُ؛ پاڻ کي پاڪ رک.


تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ: پر جيڪڏهن اوهين توبهہ نہ ڪندا تہ اوهين مڙيئي ساڳيءَ ريت چٽ ٿيندا.


وياج تي پئسا ڏنا هوندائين ۽ وڌيڪ ورتو هوندائين: سو ڪو جيئندو ڇا؟ اُهو ڪڏهن نہ جيئندو: جنهن اهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن: اُهو ضرور مرندو؛ انهي جو خون سندس مٿان آهي.


ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو.


تنهنڪري هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ جنهن هنڌ تي تون سمهيو آهين انهيءَ تان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور مرندين. ۽ ايلياہ اُٿي روانو ٿيو.


پر نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ واري وڻ جو ڦل متان کائين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون اُهو کائيندين، تنهن ڏينهن ضرور مرندين.


تہ جڏهن ڪن شرير ماڻهن هڪڙي نيڪ ماڻهوءَ کي، خود سندس گهر ۾ پنهنجي هنڌ تي ماريو آهي، تڏهن ڪيترو نہ وڌيڪ آءٌ انهيءَ جي خون جو بدلو اوهان جي هٿان وٺان ۽ اوهان کي زمين تان کڻي ڇڏيان؟


ڇالاءِ جو خداوند انهن جي بابت فرمايو هو، تہ هي ضرور بيابان ۾ مري ويندا. سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.


تڏهن روبن ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ مون اوهان کي ڪين ٿي چيو تہ هن ٻار سان ظلم نہ ڪريو، پر اوهان نہ مڃيو، تنهن ڪري ڏسو، هاڻي هن جي خون جو بدلو ورتو ٿو وڃي.


تنهنڪري هاڻي انهن جي ڳالهہ مڃ: پر هنن کي سخت تاڪيد ڪر، ۽ ڏيکارين تہ ڪهڙي قسم جو بادشاهہ هنن تي حڪومت هلائيندو.


۽ اي آدمزاد، تون پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چئو تہ سچار جي سچائي سندس گناهہ جي ڏينهن کيس نہ ڇڏائيندي؛ ۽ شرير جنهن ڏينهن هو پنهنجي شرارت کان ڦرندو پنهنجي شرارت ڪري نہ ڪِرندو: نڪي جيڪو سچار آهي سو انهي ڪري گناهہ ڪرڻ واري ڏينهن جيئرو رهي سگهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ