Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 3:12 - Sindhi Bible

12 تڏهن روح مون کي مٿي کنيو ۽ مون پنهنجي پٺيان هڪڙو وڏو سٽڪي جهڙو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ شل خداوند جو جلال پنهنجي جاءِ تي مبارڪ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ خدا جو روح مون کي مٿي کڻي هليو، تڏهن مون پنهنجي پٺيان هڪڙي وڏي گجگوڙ وارو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”مٿي آسمان ۾ خداوند جي جلال جي واکاڻ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 3:12
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت آءٌ تو وٽان هليو ويندس، اُنهيءَ وقت خداوند جو روح توکي اُنهيءَ هنڌ کڻي ويندو جنهن جي مون کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهيءَ طرح جڏهن آءٌ اچي اخي آب کي چوندس، ۽ هو توکي لهي نہ سگهندو تڏهن هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندو: پر آءٌ تنهنجو نوڪر ننڍي هوندي کان خداوند کان ڊڄندو آهيان.


۽ هن کي چيائون تہ هاڻي ڏس، تنهنجن ٻانهن سان پنجاهہ زور وارا ماڻهو آهن؛ اسين عرض ٿا ڪريون تہ اُنهن کي موڪل ڏي تہ وڃي تنهنجي ڌڻيءَ کي ڳولين، متان خداوند جي روح هن کي کڻي وڃي ڪنهن جبل تي يا ڪنهن واريءَ ۾ اُڇلايو هجي. ۽ هن چيو تہ انهن کي نہ موڪليو.


هن جا سڀ فرشتا، اوهين سندس تعريف ڪريو: هن جا سڀ لشڪر، اوهين سندس تعريف ڪريو.


اي خداوند، آءٌ تنهنجي رهڻ جي گهر، ۽ تنهنجي جلال واريءَ جاءِ کي پيار ٿو ڪريان.


۽ هڪڙي ٻئي کي سڏي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، قدوس، قدوس، قدوس، آهي: ساري زمين هن جي جلال سان ڀرپور آهي.


۽ خداوند جو جلال ڪروبيءَ تان چڙهي گهر جي چانئٺ تي وڃي بيٺو؛ ۽ گهر ڪڪرن سان ڀرجي ويو، ۽ ايوان خداوند جي جلال جي جلوي سان ڀرجي ويو.


پوءِ روح مون کي مٿي کڻي خداوند جي گهر جي اُڀرندي واري در وٽ آندو، جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي: ۽ اُتي دروازي جي لنگهہ تي پنجويهہ ماڻهو مون کي ڏسڻ ۾ آيا؛ ۽ انهن ۾ مون قوم جا سردار، يازنياہ بن عزور، ۽ فلطياہ بن بناياہ ڏٺا.


۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن روح مون منجهہ گهڙي آيو ۽ مون کي پيرن ڀر بيهاريائين؛ ۽ مون انهي جو آواز ٻڌو جنهن مون سان ڳالهايو.


۽ وڃ انهن قيدين کي، يعني پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڃي چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي؛ پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن.


انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو.


۽ خداوند جو جلال انهي دروازي جي رستي گهر ۾ آيو، جنهن جو رخ اُڀرندي ڏانهن آهي.


۽ روح مون کي کڻي اندرين ايوان ۾ آڻي لاٿو؛ ۽ ڏسو، خداوند جي جلال هيڪل کي ڀري ڇڏيو.


۽ هٿ جهڙي صورت ڊگهي ڪري هن منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ ورتي؛ ۽ روح مون کي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ مٿي کڻي، خداوند جي رويائن ۾، يروشلم جي اندرئين ايوان جي اُتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿو؛ جتي حسد جي مورت رکيل هئي، جا حسد پيدا ڪري ٿي.


۽ اسرائيل جي خداوند جو جلال، جو ڪروبي تي هو، سو اُتان نڪري گهر جي چانئٺ تي وڃي بيٺو: ۽ جنهن سڻيءَ جي پوشاڪ پيل ماڻهو جي چيلهہ ۾ ڪاتبن جو قلمدان هو، تنهن کي هن سڏيو.


۽ اوچتو ئي آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جو سخت طوفان جي گهوگهٽ جهڙو هو، ۽ جنهن جاءِ ۾ هو ويٺا هئا، سا سڄي انهي سان ڀرجي ويئي.


۽ جڏهن هو پاڻيءَ مان نڪتا، تڏهن خداوند جو روح فلپس کي وٺي ويو؛ ۽ خوجي وري هن کي ڪين ڏٺو، ۽ هو خوش ٿي پنهنجو رستو وٺيو هليو ويو.


خداوند جي ڏينهن آئون روح ۾ اچي ويس، ۽ پنهنجي پٺيان تريءَ جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻُڌم.


۽ اُنهي جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا هئا، جو ڄڻ تہ کوري مان تپي اُجري نڪتل هو؛ ۽ اُنهي جو آواز زور سان وهندڙ پاڻيءَ جي آواز جهڙو هو.


۽ مون هڪڙيءَ وڏيءَ جماعت جهڙو آواز ٻُڌو، جو زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو آواز هو، ۽ وڏين گجگوڙين جهڙو آواز هو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ؛ ڇالاءِ جو اسان جو خدا قادر مطلق، بادشاهي ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ