Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 27:3 - Sindhi Bible

3 ۽ صور کي چئُہ تہ تون جو سمنڊ جي لنگهہ جي جاءِ تي رهين ٿو، ۽ گهڻن ٻيٽن جي لاءِ قومن جو سوداگر آهين، تنهن کي خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي صور، تو چيو آهي تہ آءٌ حسن ۾ ڪامل آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اهو صور شهر جيڪو ڀونوچ سمنڊ جي لنگھن وٽ قائم آهي ۽ گھڻن ئي سامونڊي ملڪن لاءِ تجارت‌گاهہ آهي، تنهن جي ايندڙ برباديءَ بابت کيس مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌاءِ تہ ’اي صور شهر! تون ٻٽاڪ هڻي چيو آهي تہ ”آءٌ حسن ۾ ڪامل آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 27:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صيون جو سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي.


جبل، ۽ امون، ۽ عماليق؛ فلستين ۽ صور جي رهاڪن:


هوءَ واپاري جهازن وانگي آهي: هو پنهنجو کاڌو پري کان ٿي آڻي.


هن پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگهيريو آهي. هن بادشاهتن کي لوڏي ڇڏيو آهي: خداوند ڪنعان جي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي تہ انهيءَ جا مضبوط قلعا ڊاهي ڇڏجن.


پر تو پنهنجي حسن تي ڀروسو رکيو، ۽ پنهنجي ناموس جي ڪري زناڪار ٿئينءَ، ۽ جيڪو لنگهيو ٿي تنهن سان تو زنا ٿي ڪئي: اُهو حسن انهي جو ٿي ٿيو.


۽ هو تنهنجي دولت لٽيندا ۽ تنهنجي سوداگري جو مال ڦري کڻي ويندا: ۽ هو تنهنجون ڀِتيون ڀڃندا ۽ تنهنجا دلپسند گهر ناس ڪري ڇڏيندا: ۽ تنهنجا پٿر، ۽ تنهنجو ڪاٺ، ۽ تنهنجي مٽي پاڻين جي وچ ۾ رکندا.


۽ تو لاءِ هو هڪڙو مرثيو کڻندا ۽ توکي چوندا تہ تون، جنهن ۾ سمنڊ تي سفر ڪندڙ ماڻهو رهندا هئا، يعني مشهور شهر جو سمنڊ ۾ مضبوط هو، ۽ انهي جا رهاڪو، جن منجهس آمدرفت پئي ڪئي! ۽ جن پنهنجو خوف سڀني تي ٿي وڌو، تون ڪيئن نہ ناس ٿي وئين!


تنهنجون سرحدون سمنڊ جي وچ ۾ آهن، ۽ تنهنجن اڏيندڙن تنهنجو حسن ڪامل ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو هن جي ناپاڪائيءَ جي شراب جي ڪري سڀ قومون مست ٿي پيون آهن؛ ۽ زمين جي بادشاهن انهي سان زناڪاري ڪئي، ۽ دنيا جا سوداگر انهي جي عيش عشرت جي گهڻائيءَ ڪري دولتمند ٿي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ