Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 27:2 - Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، تون وري بہ صور جي لاءِ هڪڙو مرثيو کڻ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون صور شهر تي مرثيو ڳاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 27:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو منهنجو غصو ۽ منهنجو غضب هن هنڌ تي آهي؛ ماڻهوءَ توڙي جانور، جهنگ جي وڻن توڙي زمين جي ڦر تي اُهو اوتيو ويندو، ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجهامندو ئي ڪين.


جبلن جي لاءِ آءٌ رئڻ ۽ رڙڻ شروع ڪندس ۽ بيابان جي چراگاهن لاءِ ماتم ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي اهڙا سڙي ويا آهن جو ڪوبہ انهن مان نٿو لنگهي؛ ۽ نہ ماڻهو ڍورن جو آواز ٻڌي سگهن ٿا: هوا جا پکي توڙي جانور ڀڄي هليا ويا آهن.


آءٌ انهن کي اهڙين قومن ۾ پکيڙيندس جن کي نہ هنن پاڻ، ۽ نہ سندن ابن ڏاڏن ٿي سڃاتو: ۽ آءٌ هنن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ هنن کي کپائي ڇڏين.


تنهن کانسواءِ تون اسرائيل جي سردارن لاءِ ماتم ڪر،


۽ تو لاءِ هو هڪڙو مرثيو کڻندا ۽ توکي چوندا تہ تون، جنهن ۾ سمنڊ تي سفر ڪندڙ ماڻهو رهندا هئا، يعني مشهور شهر جو سمنڊ ۾ مضبوط هو، ۽ انهي جا رهاڪو، جن منجهس آمدرفت پئي ڪئي! ۽ جن پنهنجو خوف سڀني تي ٿي وڌو، تون ڪيئن نہ ناس ٿي وئين!


خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ


۽ واويلا ڪندي هو تنهنجي لاءِ مرثيا کڻندا، ۽ توتي افسوس ڪندا، ۽ چوندا تہ صور جهڙو ڪير آهي، يا انهي جهڙو جو سمنڊ جي وچ ۾ ناس ڪيو ويو آهي؟


اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ لاءِ مرثيو کڻ، ۽ چئينس تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون ڪمال جو خاتم، ڏاهپ سان ڀريل، ۽ حسن ۾ ڪمال آهين.


اي آدمزاد، مصر جي بادشاهہ فرعون لاءِ مرثيو کڻ ۽ چئينس تہ تون قومن ۾ جوان شينهن جو مثال هئين: تہ بہ تون سمنڊ جي ازدها جهڙو آهين؛ تون پنهنجين ندين مان اوچتو نڪري ظاهر ٿيندين، ۽ پنهنجن پيرن سان پاڻيءَ ۾ ولوڙو وجهي ندين کي گندو ڪندين.


اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين هي ڪلام ٻڌو جو آءٌ اوهان جي لاءِ مرثئي طور کڻان ٿو.


تنهنڪري خداوند، لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ سڀني ڪشادن رستن تي واويلا ٿيندي؛ ۽ سڀني گهٽين ۾ هو چوندا تہ افسوس، افسوس، ۽ هو بچيلن کي ماتم ڪرڻ لاءِ سڏيندا، ۽ جيڪي اوسارڻ ۾ هوشيار آهن انهن کي روئڻ پِٽڻ لاءِ سڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ