Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 26:8 - Sindhi Bible

8 هو جهنگ ۾ تنهنجين ڌيئرن کي ترار سان قتل ڪندو: ۽ هو توسان وڙهڻ لاءِ قلعا جوڙائيندو، ۽ تنهنجي سامهون بند ٻڌائيندو، ۽ تنهنجي برخلاف سپر کڻندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پهريائين اهو تنهنجي آس‌پاس سمنڊ جي ڪناري وارن شهرن تي حملو ڪندو، ۽ اتي رهندڙ ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو. پوءِ اهو تنهنجي ڪوٽ وارين ڀتين آڏو، مٽيءَ جا دِڪا ٺهرائي مورچا اڏيندو، ۽ تو تي حملو ڪرڻ لاءِ پنهنجي لشڪر جون ڍالون مضبوط ڀت جيان کڙيون ڪرائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 26:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي ساڄي هٿ ۾ يروشلم لاءِ فال هئي تہ ڀتين ڀڃڻ جون ڪَلون بيهاري، ۽ ڪوس جي لاءِ وات کولي، رڙيون ڪري، ۽ نعرا هڻي، دروازن تي ڪَلون رکي، بند ٻڌي ۽ دمدما جوڙي.


۽ ان جي حڪومت جي نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ نبوڪدرضر، بابل جو بادشاهہ، پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو، ۽ اُن جي چوڌاري منزل ڪري لهي پيو؛ ۽ ان جي چوڌاري ساڻس وڙهڻ لاءِ دمدما جوڙيائون.


ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.


ڇالاءِ تہ لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ اوهين وڻ وڍي ڇڏيو ۽ يروشلم جي اڳيان هڪڙو بند ٻڌو: اهو ئي شهر آهي جنهن تي آفت اچڻي آهي؛ اُهو اندر ۾ سمورو ظلم آهي.


۽ هنن اچي بيت معڪہ جي ابيل ۾ هن کي گهيرو ڪيو، ۽ هنن شهر جي سامهون هڪڙو وڏو بند ٻڌو، ۽ اهو قلعي جي ڀت جي آڏو بيٺل هو: ۽ جيڪي ماڻهو يوآب سان هئا سي ڀت کي ڪيرائڻ لاءِ انهي کي ڌڪ هڻڻ لڳا.


ڇوتہ اُهي ڏينهن توتي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچو ٻَڌي توکي ويڙهي ويندا، ۽ چوطرف اچي توکي سوڙهو گهٽيندا!


۽ هن جون ڌيئرون جي جهنگ ۾ آهن سي ترار سان قتل ڪيون وينديون: ۽ اُهي ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند آهيان.


هو تنهنجين ڀِتين تي ڀِتين ڀڃڻ واريون ڪَلون آڻي بيهاريندو، ۽ پنهنجي ڪهاڙن سان تنهنجا ٺلهہ ڀڃي ڇڏيندو.


هو بادشاهن تي ٺٺوليون ٿا ڪن. ۽ شهزادا هنن جي اڳيان کل چرچو آهن: هو سڀ ڪنهن مضبوط قلعي تي کلن ٿا؛ ڇالاءِ جو هو دمدما ٻڌي انهي کي فتح ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ