Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 26:7 - Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ صور تي، اُتر کان بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، جو شهنشاهہ آهي، تنهن کي گهوڙن سان، ۽ گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ هڪڙي لشڪر ۽ گهڻن ماڻهن سان آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 آءٌ خداوند خدا صور شهر کي وڌيڪ چوان ٿو تہ ’ياد رک، آءٌ اهو شهنشاهہ، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، اتر طرفان تو تي چاڙهي آڻيندس. سندس لشڪر ۾ گھوڙا، جنگي گھوڙي گاڏيون، گھوڙي سوار، ۽ تمام گھڻا جنگي جوڌا هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 26:7
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ارتخششتا شهنشاهہ وٽان عزرا ڪاهن، آسمان جي خدا جي شريعت جي استاد ڏانهن جو ڪامل آهي، وغيرہ:


ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ منهنجا سڀ سردار بادشاهہ ناهن ڇا؟


۽ صور جي سڀني بادشاهن کي، ۽ صيدا جي سڀني بادشاهن کي، ۽ سمنڊ جي هن ڀر جيڪو ٻيٽ آهي تنهن جي سڀني بادشاهن کي؛


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


ڏسو، هو بادل وانگي چڙهي ايندو، ۽ هن جا رٿ واچوڙي وانگي ٿيندا: هن جا گهوڙا بازن کان تکا آهن، ٻرحال اسان جا! ڇالاءِ جو اسين لٽجي وياسين!


هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.


۽ انهيءَ سان مهربانيءَ جي رستي ڳالهائين، ۽ جيڪي بادشاهہ بابل ۾ ساڻس هئا، تن جي تختن کان هن جو تخت مٿي رکيائين.


هو ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ هو ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم نہ اٿن؛ هنن جو آواز سمنڊ وانگي گجي ٿو، ۽ هو گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي صيون جي ڌيءَ، سڀيئي صف ٻڌي تو سان جنگ جي لاءِ تيار ٿيا آهن.


انهي لاءِ تہ ڀلي اها بادشاهت حقير ٿئي، ۽ پنهنجو ڪنڌ مٿي نہ کڻي، پر پنهنجي عهد اقرار جي سنڀال ڪرڻ سان قائم رهي سگهي.


۽ هو هٿيارن، گاڏين، ۽ گاڏن، ۽ ماڻهن جي هڪڙي ميڙ سان توتي چڙهي ايندا؛ هو ڍال، ۽ سپر، ۽ جنگي توپ سان چوڌاري توتي سنبري ايندا: ۽ آءٌ عدالت جو ڪم هنن جي ذمي ڪندس، ۽ هو پنهنجن فيصلن موجب توتي فتويٰ جاري ڪندا.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي صور آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ گهڻين قومن کي توتي چاڙهي آڻيندس، جيئن سمنڊ پنهنجون لهرون چاڙهي ايندو آهي.


تنهنڪري ڏس آءٌ توتي ڌاريا ماڻهو آڻيندس جي قومن ۾ هيبتناڪ هوندا: ۽ اُهي تنهنجي ڏاهپ جي سونهن تي پنهنجون تراريون ڪڍندا ۽ تنهنجي رونق برباد ڪندا.


اي بادشاهہ تون شهنشاهہ آهين، جنهن کي آسمان جي خدا بادشاهي ۽ اختياري ۽ زور ۽ وڏائي ڏني آهي؛


بادشاهہ داني ايل کي ورندي ڏيئي چيو تہ حقيقت ڪري اوهان جو خدا، معبودن جو خدا، ۽ بادشاهن جو خداوند، ۽ ڳجهن جو ظاهر ڪندڙ آهي، جو تون هي ڳجهہ ظاهر ڪري سگهيو آهين.


هائو جيتوڻيڪ هو قومن مان ڀاڙي پيا ڪن، تہ بہ آءٌ هن کي گڏ ڪندس؛ ۽ هو بادشاهہ جي ۽ اميرن جي بار جي سببان گهٽجڻ لڳندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ