1 تنهن کانپوءِ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
1 خداوند مون کي فرمايو تہ
تون باهہ لاءِ ڪاٺين جي بجاءِ ٿيندين؛ تنهنجو رت اُنهي زمين جي وچ ۾ وهندو؛ تون وري اڳتي ياد ڪيو نہ ويندين: ڇالاءِ جو مون خداوند ائين فرمايو آهي.
اي آدمزاد، تون عدالت ڪندين، تون هن خوني شهر جي عدالت ڪندين ڇا؟ تڏهن اُن کي سندس سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ٻڌاءِ.
انهي منجهہ بدڪاري آهي: ۽ ظلم ۽ دغا انهي جي گهٽين مان نٿا نڪرن.
سچائي قوم کي مٿي چاڙهي ٿي: پر گناهہ قوم جي لاءِ خواري آهي.
ايماندار شهر جيڪو انصاف سان ڀريل هو ڪيئن نہ زناڪار ٿي پيو آهي! انهي ۾ سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهي ۾ خوني ٿا رهن.
پنهنجي ايذاءُ کان دانهون ڇو ٿو ڪرين؟ تنهنجو درد لاعلاج آهي: اهي ڪم مون تو سان انهي لاءِ ڪيا آهن جو تنهنجن بيشمار گناهن جي سبب تنهنجو قصور وڏو آهي.
وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ