حزقي ايل 20:3 - Sindhi Bible3 اي آدمزاد، اسرائيل جي بزرگن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان پڇڻ آيا آهيو ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين مون کان ڪجهہ پڇو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible3 ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اوهين جيڪي منهنجي مرضي معلوم ڪرڻ آيا آهيو، سي ياد رکو تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ جڏهن اوهين پنهنجا نذرانا پيش ٿا ڪريو، ۽ پنهنجا پٽ باهہ مان ٿا لنگهايو، تڏهن اوهين پاڻ کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجن سڀني بُتن سان ناپاڪ ٿا ڪريو ڇا؟ تہ بہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڪجهہ پڇندا ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ اوهان کي ڪجهہ بہ پڇڻ نہ ڏيندس: