Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 2:9 - Sindhi Bible

9 ۽ جڏهن مون نهاريو، تڏهن ڏسو، هڪڙو هٿ مون ڏانهن ڊگهو ٿيو؛ ۽ ڏسو، انهيءَ ۾ هڪڙي ڪتاب جي ويڙهي هئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ جڏهن مون نهاري ڏٺو تہ ڇا ڏسان تہ هڪڙو هٿ مون ڏانهن وڌيو ۽ ڏٺم تہ انهيءَ ۾ هڪڙو چمڙي جو ويڙهوٽو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 2:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيري منهنجي وات کي ڇهيو؛ ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ ڏس، مون پنهنجون ڳالهيون تنهنجي وات ۾ وڌيون آهن:


هڪ ڪتاب جي ويڙهي کڻ ۽ اسرائيل جي بابت ۽ يهوداہ جي بابت، ۽ سڀني قومن جي بابت، جنهن ڏينهن مون تو سان ڳالهايو تنهن کان وٺي يعني يوسياہ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ انهي ۾ لک.


تڏهن يرمياہ، باروڪ بن نيرياہ کي سڏيو؛ ۽ باروڪ، يرمياہ جي واتان خداوند جون اُهي سڀ ڳالهيون ڪتاب جي ويڙهيءَ تي لکيون، جي هن کيس ڪري ٻڌايون.


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڏسين ٿو سو کائي وڃ؛ هيءَ ويڙهي کاءُ، پوءِ وڃي اسرائيل جي گهراڻي سان ڳالهاءِ.


۽ هٿ جهڙي صورت ڊگهي ڪري هن منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ ورتي؛ ۽ روح مون کي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ مٿي کڻي، خداوند جي رويائن ۾، يروشلم جي اندرئين ايوان جي اُتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿو؛ جتي حسد جي مورت رکيل هئي، جا حسد پيدا ڪري ٿي.


۽ ڏس، هڪڙي هٿ مون کي ڇهيو، جنهن مون کي منهنجن گوڏن ۽ هٿن جي ترين تي ويهاريو:


۽ اُنهي گهڙي ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ جون آڱريون نظر آيون، ۽ بادشاهہ جي محلات جي ڀت جي گچ تي، انهن شمعدان جي سامهون ڪي لکيو: ۽ بادشاهہ هٿ جو اُهو ڀاڱو ڏٺو جنهن اُهو لکيو.


تڏهن مون وري اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڏس، هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي آهي.


تڏهن هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها لعنت آهي جا سڄي ملڪ تي نازل ٿيندي: ۽ انهيءَ موجب سڀڪو چور، ۽ ڪوڙي قسم کائڻ وارو هتان وڍيو ويندو.


تڏهن مون چيو تہ ڏس، (جيئن پاڪ ڪتاب ۾ منهنجي بابت لکيل آهي) اي خدا، آئون آيو آهيان تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ