Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 2:6 - Sindhi Bible

6 ۽ اي آدمزاد، تون انهن کان نہ ڊڄ ۽ نہ انهن جي ڳالهين کان ڊڄ؛ جيتوڻيڪ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا توسان هجن ۽ تون وڇن منجهہ رهندو هجين تہ بہ انهن جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، ۽ نہ انهن جي شڪلين کان ڊڄ، جيتوڻيڪ هو باغي گهراڻو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اي آدمزاد! تون انهن کان نہ ڊڄ، نڪي سندن ڳالهين کان ڪو خوف ڪر. جيتوڻيڪ اهي تنهنجي چوڌاري ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن وانگر آهن جو ڄڻ تہ تون وڇُن جي وچ ۾ آهين، تہ بہ تون انهن باغين جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي چهرن کان ڪو خوف کاءُ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 2:6
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند جي ملائڪ ايلياہ کي چيو تہ هن سان لهي وڃ: ۽ هن کان نہ ڊڄ. تڏهن هو اُٿيو ۽ هن سان گڏجي بادشاهہ ڏي لهي ويو.


آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛


اوهين جي سچائيءَ کي سڃاڻو ٿا منهنجي ٻڌو، اي اُمت، جنهن جي دل ۾ منهنجي شريعت آهي؛ ماڻهن جي ملامت کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي طعني جو ڊپ ڪر.


ڇالاءِ جو شرارت باهہ وانگي ساڙي ٿي، اها ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا کايو وڃي؛ هائو اها ٻيلي جي گهاٽن ٻوڙن کي ڀڙڪائي ٿي، ۽ اهي دونهين جي گهاٽن ڪڪرن ۾ ڦرندا مٿي چڙهي وڃن ٿا.


تنهن ڪري تون پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ اُٿ ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان اهو انهن کي ٻڌاءِ: انهن کي ڏسي ڊڄ نہ، متان انهن جي اڳيان آءٌ توکي حيران پريشان ڪري ڇڏيان.


هنن جي ڪري ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


هو سڀ تمام فسادي آهن، ۽ گلائون ڪندا گهمندا وتن؛ هو پتل ۽ لوهہ آهن: هو سڀ ڪپت جي هلت ٿا ڪن.


۽ اُنهي باغي گهراڻي کي هڪڙو مثال ڏيئي ٻڌاءِ، ۽ چئين تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ديڳ چاڙهہ ۽ انهي ۾ پاڻي ڀري ڇڏ.


۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ وري ڪڏهن بہ چُڀندڙ ڪانڊيرو يا سندن چوڌاري ايذاءُ ڏيندڙ ڪنڊو ڪونہ رهندو؛ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.


پر آءٌ سچ پچ خداوند جي روح جي ڪري بلڪل طاقت وارو آهيان ۽ عدالت ۽ طاقت سان ڀريل آهيان، تہ يعقوب کي سندس قصور ۽ اسرائيل کي سندس گناهہ ظاهر ڪري ٻڌايان.


انهن مان جيڪو تمام چڱو آهي سو ڪانڊيري جهڙو آهي ۽ جيڪو تمام سچو آهي سو ڪنڊن جي لوڙهي کان بہ خراب آهي: تنهنجي پهري وارن جو ڏينهن يعني تنهنجي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي: هاڻي هنن ۾ حيراني پريشاني پوندي.


۽ جيڪي بدن کي ماري ٿا وجهن، پر روح کي ماري نٿا سگهن، تن کان نہ ڊڄو، پر اُنهي کان ڊڄو جو روح ۽ بدن ٻنهي کي جهنم ۾ وجهي برباد ڪري ٿو سگهي.


ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي، تہ سپن ۽ وڇن کي لتاڙي ڇڏيو، ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ۽ ڪنهن بہ شيءِ مان اوهان کي ايذاءُ ڪڏهن ڪين رسندو.


يا بيدو گهُريس، تہ وڇون ڏئيس؟


۽ آئون اوهان پنهنجن دوستن کي چوان ٿو، تہ جيڪي بدن کي قتل ٿا ڪن، ۽ تنهن کانپوءِ ڪي بہ ڪري نٿا سگهن، تن کان متان ڊنا آهيو.


هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا.


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين انصاف ڪري ڏسو، تہ خدا جي نظر ۾ اها ڳالهہ ڪا برابر آهي ڇا، تہ خدا جي بدران اوهان جو چيو مڃجي.


هاڻي، اي خداوند، تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر، ۽ پنهنجن بندن کي توفيق ڏي تہ تنهنجو ڪلام ڏاڍا بي ڊپا ٿي ٻُڌائين،


۽ منهنجي لاءِ بہ، تہ ڳالهائڻ وقت مون کي ڪلام ٻُڌائڻ جي توفيق ملي، تہ آئون خوشخبريءَ جو راز بهادريءَ سان ظاهر ڪريان؛


۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ مخالفن کان نٿا ڊڄو: اها ڳالهہ هنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آهي، مگر اوهان جي نجات جي، ۽ اُها خدا جي پاران آهي،


ڇالاءِ جو خدا اسان کي ڊپ جو روح ڪونہ ڏنو آهي، پر قدرت ۽ محبت ۽ ضابطي جو روح ڏنو اٿس.


ايمان ئي جي ڪري هن بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين: ۽ اهڙي طرح برداشت ڪيائين جو ڄڻ تہ اڻ ڏٺل کي ٿو ڏسي.


پر جي راستبازيءَ جي ڪري اوهين کڻي ڏک سهو تہ بہ اوهين مبارڪ آهيو: ۽ انهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي مونجهاري ۾ پئو؛


۽ انهن جا پڇ ۽ ڏنگ وڇن جهڙا هئا، ۽ اُنهن جي پڇن ۾ اهڙي طاقت هئي جو پنجن مهينن تائين ماڻهن کي ايذاءُ رسائي سگهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ