Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 2:5 - Sindhi Bible

5 پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن (ڇالاءِ جو هو باغي گهراڻو آهي)، تڏهن بہ هنن کي معلوم ٿيندو تہ منجهن هڪڙو نبي ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جيئن تہ اهي باغي آهن، سو تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن يا نہ، پر گھٽ ۾ گھٽ هو ايترو تہ ڄاڻي وٺندا تہ منجھن ڪو نبي اچي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 2:5
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا جي مرد اليشع ٻڌو تہ اسرائيل جي بادشاهہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن، تڏهن هن بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ تو ڇالاءِ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن؟ هاڻي ڀلي تہ هو مون وٽ اچي، پوءِ هن کي معلوم ٿيندو تہ اسرائيل ۾ ڪو نبي آهي.


تڏهن بادشاهہ يهوديءَ کي موڪليو تہ وڃي اُها ويڙهي کڻي اچ: ۽ هن اُها وڃي اليسمع منشيءَ جي ڪوٺيءَ مان هٿ ڪئي. ۽ يهوديءَ اُها بادشاهہ کي، ۽ جيڪي امير بادشاهہ جي پاسي ۾ بيٺا هئا تن کي پڙهي ٻڌائي.


اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهان جي نسبت ۾ خداوند فرمايو آهي تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃو: پڪ ڄاڻو تہ مون اڄوڪي ڏينهن اوهان وٽ شاهدي ڏني آهي.


اسرائيل جي گهراڻي، اُنهي باغي گهراڻي، توکي چيو يا نہ تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟


هاڻي انهي باغي گهراڻي کي چئو، تہ انهن ڳالهين جي معنيٰ اوهين نٿا سمجهو ڇا؟ هنن کي چئو تہ ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم ۾ آيو، ۽ ان جي بادشاهہ ۽ انهي جي اميرن کي پڪڙي بابل ۾ پاڻ وٽ آندائين؛


۽ جيڪي آءٌ چوان سو تون انهن کي ٻڌائج، پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن: ڇالاءِ جو اُهي نهايت باغي آهن.


۽ اُنهي باغي گهراڻي کي هڪڙو مثال ڏيئي ٻڌاءِ، ۽ چئين تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ديڳ چاڙهہ ۽ انهي ۾ پاڻي ڀري ڇڏ.


پر جي تون انهي شرير کي خبردار ڪندين ۽ هو پنهنجي شرارت کان يا پنهنجي خراب رستي کان باز نہ ايندو، تہ پوءِ هو ضرور پنهنجي بدڪاريءَ ۾ مرندو؛ پر تو پنهنجي جان بچائي آهي.


آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تارونءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس، جنهنڪري تون گونگو ٿيندين، ۽ هنن کي نصيحت ڪري نہ سگهندين: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.


پر جڏهن آءٌ توسان ڳالهائيندس، تڏهن آءٌ تنهنجو وات پٽيندس ۽ پوءِ تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن کي ٻڌڻو هجي سو ٻڌي؛ ۽ جيڪو نہ ٻڌي سو ڀلي تہ نہ ٻڌي: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.


۽ جڏهن ائين ٿيندو (ڏس اُهو وقت ايندو)، تڏهن هو ڄاڻندا تہ منجهن ڪو نبي موجود رهيو آهي.


انهي هوندي بہ جي تون انهي شرير کي پنهنجي رستي کان ڦرڻ لاءِ خبردار ڪندين ۽ هو انهي کان نہ ڦرندو؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر تو پنهنجو ساهہ بچايو آهي.


۽ تون انهن فسادين کي، يعني اسرائيل جي گهراڻي کي چئج تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن سي اوهان جي لاءِ بس آهن.


جيڪڏهن آئون نہ اچان ها، ۽ ساڻن ڳالهيون نہ ڪريان ها، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي انهن کي پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڪو عذر ڪونهي.


سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون.


۽ جيڪڏهن ڪن ايمان نہ آندو تہ ڇا ٿيو؟ هنن جي ايمان نہ آڻڻ ڪري خدا جي وفاداري نڪمي ٿي پوندي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ