Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 2:2 - Sindhi Bible

2 ۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن روح مون منجهہ گهڙي آيو ۽ مون کي پيرن ڀر بيهاريائين؛ ۽ مون انهي جو آواز ٻڌو جنهن مون سان ڳالهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 جڏهن هن مون سان ڳالهايو تڏهن خدا جو روح مون ۾ داخل ٿيو، جنهن مون کي پيرن ڀر اٿاري بيهاريو. تڏهن اهو آواز وري مون سان مخاطب ٿيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 2:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ گهڻائي سال تون سندن برداشت ڪندو رهين، ۽ تو پنهنجي روح سان پنهنجن نبين جي وسيلي، هنن جي برخلاف شاهدي پئي ڏني: تڏهن بہ هنن ڪَن نہ ڏنو: تنهنڪري تو هنن کي انهن ملڪن جي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


پوءِ خداوند جو روح مون تي آيو ۽ انهي مون کي چيو تہ ڳالهاءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا خاندان اوهان هيئن چيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون اوهان جي دل ۾ اچن ٿيون، تن جي مون کي خبر آهي.


۽ اُنهي باغي گهراڻي کي هڪڙو مثال ڏيئي ٻڌاءِ، ۽ چئين تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ديڳ چاڙهہ ۽ انهي ۾ پاڻي ڀري ڇڏ.


تڏهن روح مون کي مٿي کنيو ۽ مون پنهنجي پٺيان هڪڙو وڏو سٽڪي جهڙو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ شل خداوند جو جلال پنهنجي جاءِ تي مبارڪ هجي.


انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو.


تڏهن روح مون ۾ گهڙي آيو، ۽ مون کي اُٿاري پيرن ڀر بيهاريائين؛ ۽ هن مون سان ڳالهايو ۽ مون کي چيائين تہ وڃي پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ بند ڪري ڇڏ.


۽ آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجهندس، ۽ اوهان کي پنهنجي قانونن تي هلائيندس، ۽ اوهين منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.


هاڻي جيئن هن مون سان پئي ڳالهايو، تيئن مون کي زمين تي پيئي گهاٽي ننڊ اچي وئي: پر هن مون کي ڇُهي اُٿاريو.


۽ ساڍن ٽن ڏينهن کانپوءِ خداوند وٽان حياتيءَ جو روح انهن ۾ اچي پيو، ۽ هو اُٿي پيرن ڀر کڙا ٿيا، ۽ جن کين ڏٺو، تن کي ڏاڍو خوف ٿيو.


۽ خدا جو روح هن کي محني دان جي منزلگاهہ ۾، صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، بيدار ڪرڻ لڳو.


تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ